لاڙڪاڻو-06 ڊسمبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضي' ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جو ڪريڊٽ آصف علي زرداري …
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ جي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري، فاتحه خواني ڪئي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-06 ڊسمبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضي’ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جو ڪريڊٽ آصف علي زرداري کي وڃي ٿو، جيڪو هميشه ڪشميرين جو ساٿي رهيو آهي. هن چيو ته 2021ع ۾ 11 سيٽن کان شروع ٿيل سفر اڄ 29 سيٽن تائين پهتو آهي، اهو عوام جي اعتماد ۽ قيادت جي محنت جو نتيجو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جو مدو گهٽ رهيو آهي، پر جڏهن به موقعو مليو ته عوام جي حقن جي آواز کي بلند ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان ايل او سي تي رهندڙ ماڻهو آهيون، سامهون ڀارتي فوج بيٺل آهي پر آزاد ڪشمير جو عوام هر دور ۾ مضبوط ديوار بڻجي بيٺل رهيو آهي ۽ ايندڙ عام چونڊ 2026ع ۾ ٿيندي ۽ هي حڪومت انهن چونڊن جو ٽريلر ثابت ٿيندي. هن دعويٰ ڪئي ته 2026ع کان 2031ع تائين آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت هوندي ۽ پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪشميرين جي حقن لاءِ وڙهندي اهو پڻ چيو هو ته جيڪڏهن اسان کي ڀارت سان ھزار سالن تائين وڙهڻو به پيو ته اسان وڙهنداسين ۽ ڪشميرين کي آزادي ڏيارينداسين ۽ ان ويزن کي سامهون رکندي پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم شھيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ ڪشميرين لاءِ جدوجهد جاري رکي ۽ ساڳئي ويزن تحت پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ ڪشميرين لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير جو ناتو تمام مضبوط آهي، ڪشمير جي گهٽين ۾ ”اسان پاڪستاني آهيون“ جا نعرا گونجي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته رياست ۾ ڪيترائي مسئلا هئا، تحريڪون هليون، ماڻهو روڊن تي نڪري آيا هئا، پر بلاول ڀٽو اعتماد ڪيو ته حڪومت ٺهي ۽ هاڻي ماڻهن جو رجحان بدلجي ويو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ايندي ئي صحت ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته گهڻن ئي ترقياتي منصوبن جو به جلد اعلان ڪيو ويندو. ان موقعي تي سندس ڪابينا جا ميمبر، ايم پي اي سهيل انور سيال، ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن طاهر حسين سانگي، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شرجيل نور چنا، چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، عهديدار ۽ پارٽي ورڪر وڏي تعداد ۾ موجود هئا.











