حيدرآباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي گڏجاڻي سيد اظھر علي شاهه جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ سليم چنا، جبار تاثير سومرو، وحيد ڳاھو ۽ انور ساگر غزل پيش ڪيا، جن تي تنقيدي رايا ڏنا ويا. گڏجاڻيءَ جو خاص مھمان سانا جو اڳواڻ، سانا ادبي سنگت جو ڪوآرڊينيٽر اسحاق تنيو هو. سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت تي کيس تاج جويو، اظھر شاهه ۽ گلشير ڪوريجو …
سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي گڏجاڻي، سانا اڳواڻ اسحاق تُنيو جي شرڪت

مزید خبریں
حيدرآباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي گڏجاڻي سيد اظھر علي شاهه جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ سليم چنا، جبار تاثير سومرو، وحيد ڳاھو ۽ انور ساگر غزل پيش ڪيا، جن تي تنقيدي رايا ڏنا ويا. گڏجاڻيءَ جو خاص مھمان سانا جو اڳواڻ، سانا ادبي سنگت جو ڪوآرڊينيٽر اسحاق تنيو هو. سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت تي کيس تاج جويو، اظھر شاهه ۽ گلشير ڪوريجو لويون پھرايون، ادريس جتوئيءَ ٽوپي پارائي. سليم چنا پنھنجو ڪتاب ”ڇوڪرو حيدرآباد جو“، اظھر شاهه پنھنجي آتم ڪٿا ” بمبيا کان بيسٽن تائين“ ۽ تاج جويو پنھنجا ٻه ڪتاب منھنجي ھٿ ۾ لوح قلم ۽ سچيءَ سرھاڻ ۾ ملبو تحفي طور ڏنا. گڏجاڻيءَ ۾ ادريس جتوئي، اظھر شاهه، تاج جويو، وحيد ڳاھو، سليم چنا، شاد نمائي، عمران سومرو، نظير ملڪاڻي، جبار تاثير سومرو، انور ساگر، مولا بخش محبتي، زين ٻگھيو ۽ اسحاق تنيو شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ اسحاق پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته آئون قمبر تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ ٺوڙهي بجار جو رھاڪو آھيان، پرائمريءَ کان انٽر تائين لاڙڪاڻي ۾ پڙھڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اعلي تعليم حاصل ڪيم. شاگردن جي داخلائن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندو ھئس، آئون سانا جي ادبي سنگت جو ڪوآرڊينيٽر آھيان. سيمينار، مشاعرا، آن لائين ويبينار ڪرايا آهن. تازو ڪنور ڀڳت جي ورسيءَ جي پروگرام ۾ مظھر راڳي، نصير مرزا، تاج جويو، اختر درگاهي ۽ وينا شرنگي حصو ورتو ھو، شاعري ڪندو آھيان، منھنجي ڪلام ”ھن جنم ھن جنم وچن ٿو ڪريان، مان جتي به ھجان، سنڌ تنھنجو ٿيان“ عابده پروين ڳايو ۽ ان کي مقبوليت ملي. شاعري ڪندو آھيان پر ڪتاب اڃا نه ڇپيو آهي. آئون اوهان سنڌي ادبي سنگت جي دوستن جو ٿورائتو آهيان، جن مون کي مان ڏنو آهي.











