نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير کي ٽيليفون، علائقائي ۽ غزه صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 05 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان کي ٽيليفون ڪئي ۽ علائقائي ۽ غزه جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار غزه جي شهرين جي رڳو اخراج جي لاءِ رفاهه ڪراسنگ کي محدود ڪرڻ …

اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان کي ٽيليفون ڪئي ۽ علائقائي ۽ غزه جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار غزه جي شهرين جي رڳو اخراج جي لاءِ رفاهه ڪراسنگ کي محدود ڪرڻ جي اسرائيل هڪ طرفي منصوبي جي مذمت ڪئي. هن چيو ته اهو قدم امن منصوبي جي واضح خلاف ورزي آهي ۽ غزه جي متاثر عوام تائين انساني امداد جي فراهمي ۾ شديد رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش آهي. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته غزه جي معصوم شهرين جي لاءِ بنا رڪاوٽ ۽ آزاداڻي امداد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون تيز ڪيون وڃن. هن خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ويجهي رابطن ۽ ٺوس اڳڀرائي جاري رکڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.