ڇهه ڊسمبر 1992ع تي ايوڌيا ۾ تاريخي بابري مسجد جي شهادت هڪ اهڙو سانحو اهي جيڪو اڄ به ڏکوئيندڙ ۽ ڳڻتي جو سبب آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 05 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته 6 ڊسمبر 1992ع تي ايوڌيا ۾ تاريخي بابري مسجد جي شهادت هڪ اهڙو سانحو اهي جيڪو اڄ به ڏکوئيندڙ ۽ ڳڻتي جو سبب آهي، بابري مسجد اسان جي گڏيل يادداشت ۾ نقش آهي، مسجد جي شهادت عدم برداشت، مذهبي تعصب ۽ انتهاپسندي جو هڪ افسوسناڪ مثال آهي جيڪو نه رڳو ڀارتي مسلمانن …

اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته 6 ڊسمبر 1992ع تي ايوڌيا ۾ تاريخي بابري مسجد جي شهادت هڪ اهڙو سانحو اهي جيڪو اڄ به ڏکوئيندڙ ۽ ڳڻتي جو سبب آهي، بابري مسجد اسان جي گڏيل يادداشت ۾ نقش آهي، مسجد جي شهادت عدم برداشت، مذهبي تعصب ۽ انتهاپسندي جو هڪ افسوسناڪ مثال آهي جيڪو نه رڳو ڀارتي مسلمانن پر عالمي برادري جي هر ان ماڻهو جي لاءِ تڪليف ڏيندڙ آهي جيڪو مذهبي آزادي ۽ برابري تي يقين رکي ٿو، مذهبي ورثي ۽ مقدس جاين جو تحفظ عالمي برادري جي گڏيل ذميواري آهي ۽ اهڙن سمورن واقعن جو شفافيت، جوابدهي ۽ انصاف جي گهرجن موجب جائزو وٺڻ گهرجي. هفتيوار پريس بريفنگ دوران بابري مسجد جي شهادت جي ورسيءَ تي پاڪستان جي موقف جي وضاحت ڪندي طاهر حسين اندرابي چيو ته ڪنهن به مذهبي جڳهه جي بي حرمتي مذهبي برابري جي بنيادي اصولن جي خلاف ورزي آهي جنهن سان مختلف برادرين جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ تحفظ جو احساس مجروح ٿئي ٿو. هن چيو ته بابري مسجد جي شهادت کانپوءِ ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن ۾ محرومي، عدم تحفظ ۽ جذباتي تڪليف جو سلسلو اڄ به جاري آهي. هن ان صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته رياستي سرپرستي سان سگهه ماڻيندڙ هندو فاشسٽ تنظيمون هاڻي ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن ۽ ٻين مذهبي اقليتن کي مڪمل طور تي جدا ڪرڻ جي مطالبن تائين ڪري رهيون آهن جيڪو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جو حامي آهي. هن عالمي برادري، گڏيل قومن جي لاڳاپيل ادارن ۽ عالمي عوامي راءِ تي زور ڏنو ته مسلم مذهبي ورثي جي تحفظ جي اهميت کي تسليم ڪيو وڃي ۽ اهڙن افسوسناڪ واقعن جي روڪٿام جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي آئيني ۽ قانوني گهرجن موجب ملڪ  ۾ مذهبي اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزادي جي مڪمل تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته بابري مسجد جي شهادت جي ورسيءَ پاڪستان جي لاءِ رڳو ڏک جو اظهار نه آهي پر انساني وقار، انصاف ۽ مقدس ورثي جي احترام جهڙن عالمي اصولن جي تجديد جو موقعو پڻ آهي. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو ڀائيچاري ۽ مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏي ۽ سمورين مذهبي ۽ ثقافتي برادرين جي لاءِ برابري جي شهري حقن ۽ گڏيل احترام کي يقيني بڻائي.