هڪ شخص ۽ سندس بيانيو قومي سلامتيءَ لاءِ خطري جو سبب بڻجي ويو آهي، ڪنهن کي عوام ۽ فوج خلاف ڀڙڪائڻ ۽ انهن جي وچ ۾ ڏار وجهڻ جي اجازت نه ڏينداسين: آءِ ايس پي آر جو ڊائريڪٽر جنرل

راولپنڊي-05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته هڪ شخص ۽ سندس بيانيو قومي سلامتيءَ لاءِ خطري جو سبب بڻجي ويو آهي، ڪنهن کي عوام ۽ فوج خلاف ڀڙڪائڻ ۽ انهن جي وچ ۾ ڏار وجهڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ان جي ڪوڙي ۽ بي مقصد بيانيي جي بنياد تي ڀارتي ۽ افغاني ميڊيا …

راولپنڊي-05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته هڪ شخص ۽ سندس بيانيو قومي سلامتيءَ لاءِ خطري جو سبب بڻجي ويو آهي، ڪنهن کي عوام ۽ فوج خلاف ڀڙڪائڻ ۽ انهن جي وچ ۾ ڏار وجهڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ان جي ڪوڙي ۽ بي مقصد بيانيي جي بنياد تي ڀارتي ۽ افغاني ميڊيا پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيا آهن، دهشتگردن سان ڳالهين لاءِ تيار ناهيون، صرف افغان طالبان رجيم سان رياست جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرريءَ تي سڀني کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. چيف آف ڊفينس فورسز ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، موجوده وار فيئر جي صورتحال ۾ زميني، فضائي، سامونڊي ۽ سائبر سميت سمورن شعبن جو مربوط انداز ۾ ڪم ڪرڻ ضروري آهي، انهن قدمن جي اڳ ۾ ضرورت هئي، ٻين ملڪن ۾ به اهڙيءَ طرح جا هيڊ ڪوارٽرز آهن، پارليامينٽ جي هدايت تي اهي قدم ملڪي دفاع جو هڪ اهم سنگ ميل آهن. هن چيو ته هڪ شخص جي ڪري قومي سلامتي کي خطرا سامهون آهن، هڪ شخص جي ذات ۽ خواهشون رياست پاڪستان کان وڌي ڪري آهن ۽ هو ايتريون وڌيڪ آهن جو هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن مان ناهيان ته ڪجهه به ناهي، ان جو نظريو پاڪستان جي قومي سلامتيءَ لاءِ خطري جو سبب آهي، ان جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، هو ۽ ان جو بيانو رياست لاءِ خطري جو سبب آهي. سندس بيانيي کي پرڏيهي ايڪٽرز ذريعي هٿي ملي رهي آهي. هن چيو ته اسان ملڪ جي ڪنهن سياسي پارٽي، لسانيت، مذهب، فرقي يا متڪب فڪر جي نمائندگي نٿا ڪريون، اسان جو تعلق ڪنهن ايليٽ طبقي سان ناهي، اسان مڊل ڪلاس سان تعلق رکون ٿا، اسان وطن جي تحفظ ۽ استحڪام لاءِ ڏينهن رات قربانيون ڏئي رهيا آهيون. اسان بار بار واضح ڪري چڪا آهيون ته هٿياربند فوج پاڪستان جي محافظ آهي، جيڪڏهن ڪو پنهنجي ذات ۽ پنهنجي نامناسب سوچ لاءِ فوج ۽ ان جي ليڊرشپ تي حملو ڪري ٿو ته اهو عمل صحيح ناهي، اسان سڀني سياسي پارٽين جو احترام ڪريون ٿا، اوهان کي جيڪا سياست ڪرڻي آهي ڪريو، فوج کي ان کان پري رکو، اسان سياست جو حصو ناهيون، فوج ۽ عوام وچ ۾ ڏار وجهڻ جي ڪنهن کي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هي برداشت نه ڪيو ويندو ته پاڪستان جي عوام کي فوج خلاف ڀڙڪايو وڃي، اهائي فوج آهي جيڪا ملڪ جي ڌال آهي، فتنه الخوارج، فتنه الهندستان ڀارت ۽ عوام وچ ۾ اها ئي فوج بيٺل آهي. هن هڪ شخص رياست مخالف بيان ڏنا، ڪنهن آئين ۽ سياست ۾ ان جي اجازت آهي ته ڏوهاري سان ملاقات ڪئي وڃي جيڪو ملڪ ۽ پاڪ فوج خلاف بيانيو بڻائي. هن هڪ شخص بجلي جا بل جمع نه ڪرائڻ، پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليو ويندڙ ناڻو نه موڪلڻ جي ترغيب ڏني، عوام کي فوج خلاف ڀڙڪايو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ان موقعي تي هڪ وڊيو پيش ڪئي، جنهن ۾ ٻُڌايو ته پي ٽي آءِ جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس افغانستان ۽ ڀارت مان هينڊل ٿي رهيا آهن. هن عليمه خان جو وڊيو بيان پيش ڪيو جنهن ۾ هوءَ ڀارتي ٽي وي سان ڳالهائي رهي هئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي ميڊيا ڪيڏي خوشيءَ سان پاڪستان جي آرمي چيف خلاف بيان هلائي ٿو، انهن کي اهي بيان ڪير فراهم ڪري ٿو؟ اها ئي پارٽي، اهي ئي ماڻهو پاڪستان جي فوج خلاف ڳالهائين ٿا. هن پارٽيءَ جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس ڏسو ڪٿان کان ٽوئيٽ ٿين ٿا ۽ ڪير انهن کي کڻي ٿو، هي سڀ ان وڊيو ۾ ڏسو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت سان گڏوگڏ افغان ميڊيا به پاڪستان پُٺيان لڳل آهي. آئين ۾ اظهار راءِ جي آزادي جي اجازت آهي پر قومي سلامتيءَ تي اظهار راءِ ۽ فوج خلاف بيانن جي اجازت ناهي، اهي ماڻهو پنهنجي بيانيي کي پکيڙين ٿا ۽ افغانستان ۽ ڀارت جا ماڻهو ان بيانن کي هٿي ڏين ٿا، ڀارتي ميڊيا پاڪستاني فوج خلاف پي ٽي آءِ جي زبان بڻيل آهي، خوارج جو سهولت ڪار افغان ميڊيا به انهن جا بيان هلائي ٿو، عمران خان چيو ته جيڪو شخص فوج ۾ موجود ماڻهن سان تعلق رکندو اهو غدار آهي، جيڪڏهن مان علامه اقبال يونيورسٽي جي شاگردن سان مليو آهيان ته ڇا اهي ماڻهو غدار آهن؟ تون ڇا ٿو سمجهين پاڻ کي؟ تون ڪير آهين جو غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ورهائي رهيو آهين، ان جي منطق اها آهي ته پاڪ فوج سان تعلق رکي اهو غدار آهي جيڪو آءِ ايس پي آر وڃي اهو غدار آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ذهني مريض قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته ان ذهني مريض 9 مئي تي فوجي اثاثن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪرايا، ان ذهني مريض 2 ڏينهن اڳ ٽوئيٽ ڪيو، هن ذهني مريض جي ٽوئيٽ کي افغان ۽ ڀارتي ميڊيا منٽن ۾ وائرل ڪيو، اهو ذهني مريض پاڪستان خلاف بڪواس ڪري رهيو آهي، ان جي پارٽيءَ کان پُڇو ته چون ٿا اسان کي ناهي خبر، عمران خان جا ٽوئيٽ ڪٿان ٿين ٿا؟ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته هي ذهني مريض چوي ٿو ته فوج جي قيادت کي ٽارگيٽ ڪريو جنهن حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان کي فتح ڏياري، اصل بيانيو اهوئي ذهني مريض ڏئي ٿو ۽ هي صرف پاڪ فوج خلاف بيانيو بڻائي ٿو، فوج خلاف مسلسل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، پروپيگنڊا سيل پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن خلاف به نوٽيفڪيشن بڻائي وٺي ٿو، ان پارٽيءَ جا پيروڪار ڀارتي ميڊيا کي مسلسل مواد فراهم ڪري رهيا آهن، ذهني مريض جي منطق موجب ڀارت 6 ۽ 7 مئي تي پاڪستان کي فتح ڪري چڪو هو، هن ته پشاور ۾ خوارجين جي آفيس کولڻ ٿي چاهي، هي دهشتگردن کي فوج خلاف رستا ٻُڌائي ٿو ۽ پنهنجي ذات جي هن قيديءَ جو بيانيو قومي سلامتيءَ خلاف آهي. هي آءِ ايم ايف کي چوي ٿو ته پاڪستان کي قرض نه ڏيو، هاڻ اهو بيانيو نه هلندو. هن چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن جو تعلق ايليٽ طبقي سان ناهي، اسان عوام مان آيا آهيون، اسان جا آفيسر ۽ جوان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ شهيد ٿي رهيا آهن، تون فوج تي تنقيد ڪرين ٿو ۽ پنهنجي پُٽن کي تو ٻاهر رکيو آهي، ٿورو خوارجين آڏو انهن کي ته بيهار. سندس چوڻ هو ته هٿياربند فوج خلاف نفرت جو ٻِج ڇٽيو پيو وڃي، حالانڪ پاڪ فوج جا جوان پنهنجي جان تريءَ تي رکي جنگ جي ميدان ۾ وڃن ٿا ۽ خوارجين سامهون ڪير بيهي ٿو؟ ڪير پنهنجون جانيون ڏئي ٿو؟ اسان کي پنهنجيون جانيون ڏيڻيون ۽ وٺڻيون هونديون آهن. 18 لک کان وڌيڪ غير قانوني غير ملڪين کي ملڪ مان ڪڍي چڪا آهيون، هلندڙ سال دهشتگردي خلاف 13 هزار کان وڌيڪ آپريشن ڪيا ويا، جن ۾ 1943 دهشتگرد مارجي ويا. نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ضروري آهي، دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ گڏيل بيان ضروري آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته تنهنجي جنهن صوبي ۾ حڪومت آهي ٿورو ان جي باري ۾ ته ڳالهائي، صوبائي حڪومت کي منشيات ۽ نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جو خاتمو ڪرڻو آهي، امن امان جي قيام جي ذميداري صوبائي حڪومت وٽ آهي، ڪي پي ڪي کان افغان پناهگيرن جي نيڪاليءَ جو نوٽيفيڪشن ڇو نه جاري ڪيو ويو، ڪي پي  ۾ دهشتگردي هلي رهي آهي، هي چون ٿا آپريشن نه ڪريو، هي چوي ٿو ته دهشتگردن سان ڳالهيون ڪريو، ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي حملو ڪندڙن سان اسان ڇا ڳالهايون؟ هي هڪ ٽولو اسان جي ڪي پي جي ڀائرن تي مڙهيو ويو آهي، بيمار ذهنن جي باري ۾ قوم واضح طور ڄاڻي چڪي آهي، ناڪاري بيانيو ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هي شخص بار بار شيخ مجيب الرحمان جي ڳالهه ڪري ٿو، اوهان جي سياسي داداگيري جو وقت ختم ٿي ويو. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا ريٽنگ لاءِ نان اِشوز تي ڳالهائي ٿي، کين گهرجي ته اِشوز تي ڳالهائين، هر شخص ملڪ بچائڻ جو ذميدار آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هن شخص جو پيءُ به پاڪ فوج ۽ عوام وچ ۾ ڏارون نٿو وجهي سگهي، رياست فوج نه هوندي آهي، رياست حڪومت هوندي آهي ۽ فوج رياست جو هڪ اِدارو آهي، اسان ڪيڏانهن به نه پيا وڃون، جيستائين پاڪستان آهي فوج رهندي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته گورنر راڄ ۽ سوشل ميڊيا جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ رياست جو ڪم آهي، اسان کي آئين تي عمل ڪرڻو آهي، دهشتگردي هڪ ڏينهن ۾ ختم نٿي ٿي سگهي، ان لاءِ سياسي عزم جي ضرورت آهي، اسان هڪ زبان ٿي بيانيو بڻايو، اوهان ان جي ابتڙ ڪم ڪري رهيا آهيو، اوهان هر شيءِ تي سياست کي حاوي ڪري ڇڏيو، هي چوندا هئا فوج سياست ڪري رهي آهي، وڙهي نٿي سگهي، پر اسان وڙهي به ڏيکاريو، اسان ان رياست جي تحفظ جو قسم کنيو آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ضروري آهي. هن چيو ته تاريخ ۾ پاڪ فوج ڪنهن شخص جي باري ۾ اهڙي ڳالهه نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ ڪنهن سياستدان اهڙو ڪم نه ڪيو، ان جي سياست صرف پاڪ فوج جي چوڌاري گُهمي ٿي، هي سمجهي ٿو ته عوام کي بيوقوف بڻائي سگهجي ٿو، پر ائين ناهي. هاڻ وقت آهي ته اسان کي ٻُڌائڻو پوندو ته هي بيانيو ڪير هلائي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي ڪي پي ڪي ۾ ٿي رهي آهي. گذريل 5 سالن ۾ ڪي پي ۾ ڪنهن دهشتگرد کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو؟ ڪي پي ڪي صوبي ۾ صحت، تعليم ۽ امن امان جي صورتحال ڇا آهي. ان کي نظم و نسق ۽ ڪارڪردگيءَ سان ڪو غرض ناهي، ان جي سياست فوج ۽ رياست مخالف بيانيو، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڳالهين کان انڪار نه ڪيو. پاڪستان مسلسل افغان طالبان جي حڪومت سان ڳالهيون ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته اسان دهشتگرد فتنه الخوارج سان نه ڳالهائينداسين، اسان رياست آهيون ۽ رياست سطح تي افغان طالبان رجيم سان ڳالهيون ڪنداسين، دهشتگردن جي سهولتڪارن سان ڪهڙي طريقي ۾ ڳالهيون ڪريون، هن چيو ته 9 مئي جي ڪيسن جو فوجي عدالتن ۾ ميرٽ ۽ شفافيت ذريعي ٽرائل ڪيو ويو. پاڪ فوج جا جوان ملڪ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن. 9 مئي جو ڪيس پوري قوم جو ڪيس آهي.