لاهور - 05 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پنهنجي فرزند سان گڏ داتا درٻار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ۽ دعا ڪئي. ترجمان موجب نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير کي داتا درٻار تي جاري ترقياتي معاملن بابت بريف ڪيو ويو. داتا درٻار آڏو ترقياتي منصوبي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. منصوبو اوقاف ۽ ايل ڊي اي جي حصيداري سان 2.5 بلين رپين جي …
نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي پنهنجي فرزند سان گڏ داتا درٻار تي حاضري، فاتحه خواني ۽ دعا ڪئي
لاهور – 05 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پنهنجي فرزند سان گڏ داتا درٻار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ۽ دعا ڪئي. ترجمان موجب نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير کي داتا درٻار تي جاري ترقياتي معاملن بابت بريف ڪيو ويو. داتا درٻار آڏو ترقياتي منصوبي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. منصوبو اوقاف ۽ ايل ڊي اي جي حصيداري سان 2.5 بلين رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندو. ترقياتي منصوبي ۾ داتا درٻار ۽ ڀرپاسي جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر طاهر رضا بخاري، ايڊمنسٽريٽر شيخ جميل احمد، مئنيجرز اوقاف طاهر مقصود ۽ زاهد بٽ پڻ موجود هئا.











