سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر 31 ڊسمبر کان اڳ مالي سال 25-2024ع جي اثاثن ۽ بقايائن جا گوشوارا جمع ڪرائين: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جو ڌيان ڇڪرايو آهي ته اهي 31 ڊسمبر کان اڳ مالي سال 25-2024ع جي اثاثن ۽ بقايائن جا گوشوارا جمع ڪرائين، مقرر ڪيل تاريخ تائين گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جا تفصيل پهرين جنوري 2026ع تي جاري ڪيا ويندا. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان موجب قومي، صوبائي ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو …

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جو ڌيان ڇڪرايو آهي ته اهي 31 ڊسمبر کان اڳ مالي سال 25-2024ع جي اثاثن ۽ بقايائن جا گوشوارا جمع ڪرائين، مقرر ڪيل تاريخ تائين گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جا تفصيل پهرين جنوري 2026ع تي جاري ڪيا ويندا. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان موجب قومي، صوبائي ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اهي 31 ڊسمبر کان اڳ مالي سال 25-2024ع جي اثاثن ۽ بقايائن جا گوشوارا جمع ڪرائين. مقرر تاريخ تائين گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جا تفصيل پهرين جنوري 2026ع تي جاري ڪيا ويندا. 15 جنوري تائين گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن ڪنهن به ايوان جي ڪارروائيءَ ۾ حصو نه وٺي سگهندا.