پاڪستان حڪومت ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ 60.8 ملين ڊالرن جي ٽن اهم منصوبن تي صحيحون ڪري ڇڏيون

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) وچ ۾ 60.8 ملين ڊالرن جي ٽن اهم منصوبن تي صحيحون ڪيون ويون. اقتصادي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ڪراچي-روهڙي سيڪشن آف لائن ون لاءِ پروجيڪٽ ريڊينيس فنانسنگ (ML-I PRF)  جنهن جي ماليت 10 ملين ڊالر آهي، ڪوئيٽا بس ريپڊ ٽرانزٽ لاءِ 3.8 ملين ڊالرن جي فنانسنگ ۽ بلوچستان واٽر ريسورسز ڊولپمينٽ سيڪٽر …

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) وچ ۾ 60.8 ملين ڊالرن جي ٽن اهم منصوبن تي صحيحون ڪيون ويون. اقتصادي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ڪراچي-روهڙي سيڪشن آف لائن ون لاءِ پروجيڪٽ ريڊينيس فنانسنگ (ML-I PRF)  جنهن جي ماليت 10 ملين ڊالر آهي، ڪوئيٽا بس ريپڊ ٽرانزٽ لاءِ 3.8 ملين ڊالرن جي فنانسنگ ۽ بلوچستان واٽر ريسورسز ڊولپمينٽ سيڪٽر پروجيڪٽ لاءِ 48 ملين ڊالرن جي واڌو فنانسنگ شامل آهي. اهي منصوبا ملڪ ۾ بنيادي سهولتن جي شعبن جهڙوڪ رابطاڪاري، شهري ٽرانسپورٽ ۽ پاڻي جي وسيلن ۾ ترقي لاءِ اهم قدم آهن. اقتصادي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري محمد حمير ڪريم اي ڊي بي جي قابل اعتماد ترقياتي حصيدار جي ڪردار ۽ پاڪستان جي ترقياتي ضرورتن جي تڪميل ۾ ان جي مستقل تعاون کي ساراهيو. هن انهن اهم منصوبن لاءِ اي ڊي بي جي مدد تي ٿورو مڃيندي چيو ته اهي منصوبا پاڪستان جي ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ڪوئيٽا شهر جي شهري انفرا اسٽرڪچر ضرورتن کي پورو ڪندا ۽ بلوچستان ۾ زرعي پيداواريت کي بهتر بڻائيندا. هن ريلوي واري واري وزارت ۽ بلوچستان حڪومت جي ڪوششن کي به ساراهيو ۽ منصوبن جي موثر ۽ وقت سر تڪميل لاءِ فراهم ڪيل فنانسنگ جي بهترين استعمال تي زور ڀريو. اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين پاڪستان حڪومت طرفان انهن منصوبن لاءِ مضبوط عزم جي ساراهه ڪئي، هن بلوچستان بابت ٻن منصوبن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ ريلوي امپرومينٽ پروجيڪٽ پي آر ايف کي ريلوي جي جديديت طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو. هن اقتصادي معاملن واري وزارت ۽ ٻين حصيدارن سان ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو ته جيئن اي ڊي بي جي معاونت پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن سان هم آهنگ رهي.