سنڌ حڪومت نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ميڊيڪل ٽاور تعمير ڪندي: مراد علي شاهه

ڪراچي-05 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته فيصل ايڌي جي سهڪار سان سندن حڪومت نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ۾ 17 ملين ڊالر جي لاڳت سان هڪ ميڊيڪل ٽاور تعمير ڪندي. هن رقم مان 10 ملين ڊالر اڳ ۾ ئي حاصل ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي 7 ملين ڊالر حڪومت فراهم ڪندي۔ هن اهو اعلان نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو …

ڪراچي-05 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته فيصل ايڌي جي سهڪار سان سندن حڪومت نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ۾ 17 ملين ڊالر جي لاڳت سان هڪ ميڊيڪل ٽاور تعمير ڪندي. هن رقم مان 10 ملين ڊالر اڳ ۾ ئي حاصل ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي 7 ملين ڊالر حڪومت فراهم ڪندي۔ هن اهو اعلان نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزز جي نئين ايمرجنسي بلاڪ جي افتتاح دوران ڪيو۔ ان موقعي تي چيئرمين پي پي پي بلاول ڀٽو زرداري افتتاحي تختي جي نقاب ڪُشائي ڪئي۔ صحت واري وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، اين آئي سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر طاهر صغير، پيشنٽ ايڊ جو مشتاق ڇاپرا، سائبر نائف جو پروفيسر طارق محمود، شبير ديوان ۽ ٻيا پڻ تقريب ۾ موجود هئا۔ تقريب دوران ڳالهائيندي مراد علي شاهه ٻڌايو ته فيصل ايڌي کيس آگاهه ڪيو آهي ته اين آئي سي ايڇ ۾ 17 ملين ڊالر جي لاڳت سان هڪ ميڊيڪل ٽاور تعمير ڪيو ويندو جنهن مان 10 ملين ڊالر اڳ ئي حاصل ٿي چڪا آهن۔ وڏي وزير فوري طور اعلان ڪيو ته هو اها تجويز ڪابينا ۾ پيش ڪندو ته جيئن باقي 7 ملين ڊالر جي منظوري ملي سگهي۔ هن چيو هي ظاهر ڪري ٿو ته سرندي وارن ۽ هيلٿ ڪيئر پروفيشنلز سان اسان جي ڀائيواري ڪيئن اڳتي وڌي رهي آهي۔ ارڙھين ترميم کانپوءِ صحت جي شعبي جو سفر: وڏي وزير شاهه پسمنظر بيان ڪندي ٻڌايو ته ارڙھين آئيني ترميم کان پوءِ اسپتال صوبائي اختيار ۾ اچي ويا۔ هن ٻڌايو ته ان وقت جڏهن هو ناڻي وارو وزير هو پاڻ ۽ فنانس سيڪريٽري وڏي وزير سان ملاقات ڪئي ۽ 7 جولاءِ تي سنڌ حڪومت فيصلائتو قدم کڻي انهن ٽنهي ادارن لاءِ نئون بجيٽ منظور ڪيو۔ اهو هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو۔ ادارن جي منتقل ٿيڻ وقت انهن جو گڏيل ساليانو بجيٽ رڳو 1.9 ارب رپيا هو۔ اڄ وڏي وزير مراد شاهه فخر سان ٻڌايو ته اهو بجيٽ وڌي 40 ارب رپيا ٿي ويو آهي جيڪو هيلٿ ڪيئر لاءِ صوبائي عزم کي ظاهر ڪري ٿو۔ هن ٽنهي ادارن جي موجوده ۽ اڳوڻن چيف ايگزيڪيوٽوز کي بهتر طريقي سان ڪم سنڀالڻ تي ساراهيو ۽ پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن کي خراج تحسين پيش ڪيو۔ هن 2017 ۾ جناح اسپتال جي دوري جو ذڪر ڪيو جتي مسٽر ڇاپرا حڪومت کان سهڪار گهريو۔ وڏي وزير ان وقت پڪو واعدو ڪيو ته سنڌ حڪومت فائونڊيشن جي گڏ ڪيل هر هڪ رپئي جي بدلي هڪ رپيو ڏيندي۔ هن خوشي جو اظهار ڪيو ته هاڻي سرندي وارن حڪومت جي ميچنگ کان وڌيڪ پئسا گڏ ڪري رهيا آهن ۽ گهڻو ڪري پنهنجو حقدار پورو حصو به نٿا وٺن۔ هڪ تازو مثال ڏيندي هن ٻڌايو ته فائونڊيشن جناح اسپتال جي ايمرجنسي ٽاور لاءِ 20 ملين ڊالر گڏ ڪيا پر حڪومت کان صرف 15 ملين ڊالر جي ميچنگ رقم طلب ڪئي۔وڏي وزير مراد شاهه اسپتالن جي ظرفيت ۾ غير معمولي واڌ جو احوال ٻڌايو۔ صرف 12 سال اڳ جي پي ايم سي، اين آئي سي وي ڊي ۽ اين آئي سي ايج ۾ گڏيل بسترن جو انگ 2000 هو جيڪو هاڻي وڌي 4000 ٿي ويو آهي ۽ 2028ع تائين 5000 تائين پهچڻ جو امڪان آهي۔ هن ٻڌايو ته آمريڪا جي سڀ کان وڏي اسپتال ۾ 2800 بسترا آهن ۽ برطانيا جي وڏي ۾ وڏي اسپتال ۾ 2200 بسترا آهن ان حساب سان سنڌ جون اسپتالون دنيا جي وڏين هيلٿ سسٽمز ۾ شمار ٿينديون۔ هن سڀني خيرخواهن جو خاص شڪريو ادا ڪيو خاص طور سردار ياسين جو ۽ شاهد عبدالله بابت هڪ مزاحيه جملو به چيو ته اهي مون کي وڏا وڏا ليڪچر ڏيندا رهن ٿا۔ خطاب جي پڄاڻي تي وڏي وزير اسلام آباد ۾ هڪ تازي اجلاس جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ سڀني صوبن جا نمائندا موجود هئا۔ هن ٻڌايو ته هڪ ٻي صوبي جي نمائندي پنهنجي علائقي جي ڪمزور انفراسٽرڪچر کي ماڻهن جي ڪراچي لڏپلاڻ جو سبب قرار ڏنو۔ وڏي وزير شاهه اعتراف ڪيو ته ڪراچي ۾ مسئلا ضرور آهن پر ان وٽ انفراسٽرڪچر به آهي ۽ موقعا به۔ هن يقين ڏياريو ته حڪومت ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مڪمل پرعزم آهي ۽ اهو وعدو پورو ڪيو ويندو.

مزید خبریں