اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي)پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 3 پئسن جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 280 روپيا 42 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ …
انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ اضافو
اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي)پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 3 پئسن جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 280 روپيا 42 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو قدر 74 روپيا 72 پئسا جڏهن ته بحريني دينار جو قدر 743 روپيا 87 پئسا رهيو، اهڙي طرح عمان جي ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ قدر 728 رپيا 36 پسئا رهيو، ڪويت جي دينار جو قدر 913 روپيا 57 پئسا ۽ قطر جي ريال جو قدر 76 روپيا 93 پئسا رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 281 روپيا 30 پئسا ۽ وڪري جي قيمت 283 روپيا 20 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.











