ڪوئيڪا جي صدر چانگ وون سام پاران پاڪستان – ڪوريا پي وي ماڊيول ٽيسٽنگ ليبارٽري جو افتتاح

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) ڪوريا انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (ڪوئيڪا) جي صدر چانگ وون سام پاڪستان - ڪوريا پي وي ماڊيول ٽيسٽنگ ليبارٽري جو افتتاح ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مستحڪم حصيداري جي علامت آهي. چانگ وون سام پاڪستان جو دورو ڪندڙ ڪوئيڪا جو پهريون صدر آهي. افتتاحي تقريب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ڪوئيڪا جي سهڪار سان منعقد ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ عملدارن …

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) ڪوريا انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (ڪوئيڪا) جي صدر چانگ وون سام پاڪستان – ڪوريا پي وي ماڊيول ٽيسٽنگ ليبارٽري جو افتتاح ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مستحڪم حصيداري جي علامت آهي. چانگ وون سام پاڪستان جو دورو ڪندڙ ڪوئيڪا جو پهريون صدر آهي. افتتاحي تقريب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ڪوئيڪا جي سهڪار سان منعقد ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ عملدارن ۽ حصيدار ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڪوئيڪا جي صدر چانگ وون سام چيو ته هي منصوبو انهن لاءِ خاص اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته هو پهريون ڪوئيڪا جو صدر آهي جنهن پاڪستان جو دورو ڪيو. هن چيو ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ هو پاڪستان جي بي پناهه صلاحيتن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، پاڪستان ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي واقع هڪ اهم ملڪ آهي جتي قدرتي وسيلا وڏي مقدار ۾ آهن ۽ باصلاحيت نوجوان آبادي موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار ۽ قابل اعتماد توانائي کي حاصل ڪرڻ روشن مستقبل لاءِ انتهائي ضروري آهي. پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي سج وڌيڪ دير تائين رهندو آهي جنهن سبب هتي شمسي توانائي جا منصوبا وڌيڪ مفيد ثابت ٿي رهيا آهن، حڪومت جي مضبوط عزم ۽ عوامي حمايت سان پاڪستان صاف ۽ سبز توانائي طرف تيزي سان وڌي سگهي ٿو. چانگ وون سام چيو ته ان منصوبي ذريعي ڪوريا پاڪستان جي شمسي توانائي جي صنعت کي عالمي معيار موجب ٽيسٽنگ ۽ سرٽيفڪيشن جي صلاحيت ڏيڻ ۾ مدد ڏئي رهيو آهي. هن پاڪستان لاءِ پائيدار ۽ مضبوط توانائي مستقبل لاءِ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن 1983ع ۾ پاڪستان ۽ ڪوريا وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام ۽ 2010ع ۾ اسلام آباد ۾ ڪوئيڪا جي ڪنٽري آفيس جي قيام کي ٻطرفي لاڳاپن ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. هن چيو ته ڪوريا پاڪستان لاءِ ترقياتي تعاون ۾ هڪ قابل اعتماد حصيدار رهندو. ڪوئيڪا جي پراجيڪٽ مينيجر ڊاڪٽر جي سانگ پارڪ چيو ته هي منصوبو پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪوريا جي سنجيده ڪوششن جو ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ شمسي توانائي جو شعبو تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ هيءَ ليبارٽري ملڪي شمسي صنعت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪاميابي ڪوريا جي ڪاميابي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي سيڪريٽري شاهد اقبال بلوچ ڪوريا جي شاندار ترقي کي عزم، محنت ۽ تعليم جو نتيجو قرار ڏنو. هن چيو ته ڪوريا جنگ جي تباهڪارين کانپوءِ پاڻ کي علم، ويزن ۽ محنت ذريعي ٻيهر ڪر کنيو ۽ اڄ دنيا ۾ جدت، ٽيڪنالاجي ۽ استقامت جي علامت آهي.