گهوٽڪي–ڪنڌڪوٽ روڊ ۽ پل رٿا جون 2027ع ۾ مُڪمل ٿي ويندي: سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-05 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته گهوٽڪي–ڪنڌڪوٽ روڊ ۽ پل رٿا جنهن جو رڪيل ڪم ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي جيڪا جون 2027ع ۾ افتتاح لاءِ تيار هوندي. هن اهو اعلان  پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ بورڊ جي 49هين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جتي منصوبي جي نئين ٽائم لائينن، تعميراتي اڳڀرائي، لاڳت ۾ اضافي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن جو جائزو ورتو …

ڪراچي-05 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته گهوٽڪي–ڪنڌڪوٽ روڊ ۽ پل رٿا جنهن جو رڪيل ڪم ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي جيڪا جون 2027ع ۾ افتتاح لاءِ تيار هوندي. هن اهو اعلان  پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ بورڊ جي 49هين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جتي منصوبي جي نئين ٽائم لائينن، تعميراتي اڳڀرائي، لاڳت ۾ اضافي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وڏي وزير کي منصوبي جي عملدرآمد جي تاريخ، لاڳت ۽ ٽيڪنيڪل ڪاميٽي پاران پيش ڪيل نڪتن بابت بريفنگ ڏني وئي. گهوٽڪي–ڪنڌڪوٽ پل منصوبو ورڪس اينڊ سروسز کاتي شروع ڪيو هو جڏهن ته ڪنسيشن معاهدو مئي 2018 ۾ دستخط ٿيو هو. انڊس ريور ڪميشن (آءِ آر سي) ٽن (3) ڪلوميٽر ڊگهي پل لاءِ ابتدائي هائيڊرولڪ ڊيزائن جي منظوري ڏني هئي ۽ تعمير جو آغاز آگسٽ 2020ع ۾ ٿيو هو. 2022ع جي تباهه ڪن ٻوڏ کان پوءِ آءِ آر سي پنهنجي 187هين اجلاس ۾ مشاهدو ڪيو ته اها پل جيڪا “بينڪ ٽو بينڪ” تعمير ڪئي وئي هئي ساختي طور مضبوط ثابت ٿي ۽ ٻوڏ واري صورتحال دوران پاڻيءَ جو وھڪرو بنا رنڊڪ وهي ٿو جڏهن ته جيڪا پل بينڪ ٽو بينڪ تعمير نه هئي انهن مسئلا پيدا ڪيا ۽ حفاظتي بندن تي دٻاءُ وڌايو. ان ڪري آءِ آر سي فيصلو ڪيو ته سنڌوءَ تي ايندڙ سموريون پلون “بينڪ ٽو بينڪ” تعمير ڪيون وينديون. نتيجي طور گهوٽڪي–ڪنڌڪوٽ پل جي ڊيگهه 3 ڪلوميٽر کان وڌائي 12.2 ڪلوميٽر ڪئي وئي جنهن سبب منصوبي جو دائرو، ٽائم لائين ۽ لاڳت ۾ وڏي پيماني تي تبديليون ڪرڻيون پيون. انهن تبديلين کي شامل ڪندي ڪنسيشن ۽ اي پي سي جا ترميم شده معاهدا 2023 ۾ صحيح ٿيا. رٿا جي ھاڻوڪي لاڳت 32 ارب رپيا آهي جڏهن ته شيڊول مطابق مڪمل ٿيڻ جي تاريخ جون 2029 آهي. بهرحال، حڪومت سنڌ ڪنسيشن هولڊر کي محفوظ ۽ بهتر سيڪيورٽي فراهم ڪندي ته جيئن تعميراتي سرگرميون بنا رنڊڪ جاري رهن ۽ رٿا جون 2027 تائين مڪمل ٿي سگهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪچي جي علائقي ۾ امن امان جي خراب صورتحال جي باوجود تعميراتي ڪم لڳاتار اڳتي وڌي رهيو آهي. نومبر 2025ع تائين سيڪشن ون ۽ ٽو مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن جڏهن ته سيڪشن ٿري ۽ فور ۾ پائلنگ، شافٽ ٺهڻ ۽ ٽرانسِم لڳائڻ تي نمايان اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. گڏيل طور رٿا جي پائلنگ 54 سيڪڙو، شافٽ 49 سيڪڙو ۽ ٽرانسِم 47 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪا آهن. منصوبي جو فنانشل ڪلوز مشهور ڪمرشل ۽ اسلامي بئنڪن جي ڪنشوريم سان ڊسمبر 2025 جي پهرين هفتي ۾ امڪان آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پل کي ’’سنڌ لاءِ معاشي راهداري کوليندڙ هڪ اهم رڳ‘‘ قرار ڏيندي هدايت ڪئي ته ورڪس اينڊ سروسز ڊيپارٽمينٽ، گھرو کاتو ۽ ناڻو کاتو رٿا جي بنا رنڊڪ مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻائين ۽ ڪنهن به قسم جي وڌيڪ دير برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو مان جون 2027 ۾ گهوٽڪي–ڪنڌڪوٽ پل جو پاڻ افتتاح ڪندس. هي رڳو انفراسٽرڪچر نه پر سنڌ جي ماڻهن سان ڪيل هڪ وعدو آهي ۽ اسان اهو پورو ڪنداسين۔ صحت جي شعبي ۾ پبلڪ پاليسي پارٽنرشپ جي اپائن بابت پي پي پي پاليسي بورڊ صحت کاتي جي ڪيترن وڏن منصوبن جو جائزو ورتو ۽ اهم فيصلا ڪيا جن جو مقصد سروس ڊليوري کي مضبوط بنائڻ، جديد طبي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ ۽ اهم طبي خدمتن جو تسلسل يقيني بڻائڻ آهي.بورڊ پلازما فريڪشينيشن فيسِلٽي تي تفصيلي غور ڪيو جيڪا سنڌ بلڊ ٽرانسفيوژن اٿارٽي (ايس بي ٽي اي) ذريعي صحت کاتي جو فليگ شپ منصوبو هوندو. هن جو مقصد پاڪستان جي پهرين پلازما فريڪشينيشن فيسِلٽي کي پي پي پي ماڊل تحت قائم ڪرڻ آهي جنهن ۾ پلازما مان تيار ٿيندڙ دوائون (پي ڊي ايم پيز) مقامي سطح تي پيدا ڪيون وينديون جيڪي هن وقت مڪمل طور امپورٽ ڪيون وڃن ٿيون. بورڊ کي ٻڌايو ويو ته پي ڊي ايم پيز، جن ۾ البومِن، اميونوگلوبِيولنز ۽ هيموفيليا اي ۽ بي لاءِ ضروري ڪواگوليشن فيڪٽر شامل آهن، سرطان، بون ميرو ٽرانسپلانٽس، قوت مدافعت جي کوٽ، رت وهڻ وارا مرض، حادثن، ساڙي ۽ وڏين جراحن جي علاج لاءِ انتهائي اهميت رکن ٿا. پاڪستان ۾ انهن جي وڌندڙ گهرج جي باوجود ڪابه مقامي پيداوار موجود ناهي. ان کان علاوه صحت کاتي جو آر بي سي پروجيڪٽ جيڪو پي پي پي ماڊل تحت هلي رهيو آهي، وڏي مقدار ۾ پلازما پيدا ڪري ٿو جيڪو هن فيسِلٽي کي فراهم ڪيو وڃي ٿو. وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته قومي پاليسي نيشنل بلڊ ٽرانسفيوژن اينڊ بلڊ پراڊڪٽس پاليسي 30-2025ع جي تازي اعلان کانپوءِ عالمي سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿيو آهي ۽ ڪيترين عالمي ڪمپنين ڪراچي ۾ اهڙي فيسِلٽي قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. تفصيلي غور کانپوءِ پي پي پي پاليسي بورڊ منصوبي جو خاڪو ۽ ٽرانزيڪشن ايڊوائزري خدمتن لاءِ فزيبلٽي ۽ ٻين فني معاملن جي حل لاءِ پروجيڪٽ ڊيولپمينٽ فيسلٽي فنڊنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير زور ڀريو ته هي منصوبو درآمد تي دارومدار کي گهٽائيندو، مٽاسٽا ناڻو بچائيندو، مقامي سطح تي ٽريس ايبلٽي سسٽم ذريعي مريضن جو تحفظ وڌائيندو، روزگار جا موقعا پيدا ڪندو ۽ مستقبل ۾ پي ڊي ايم پيز جي ايڪسپورٽ جو رستو به هموار ڪندو. اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو، ورڪس اينڊ سروسز واري وزير علي حسن زرداري، وڏي وزير جي خاص مددگار سيد قاسم نويد، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ڊاڪٽر سروش لوڌي ۽ بورڊ جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.