اسلام آباد-05 ڊسمبر(اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان اٽلي جي ٽريڊ ايجنسي (آءِ ٽي اي) جي سربراهه سالواتور پرا انو سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي ماربل انڊسٽري کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ٻطرفي فني تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي ماربل انڊسٽري ۾ بهتري، اسڪلز ڊولپمينٽ، ويليو ايڊيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي موقعن …
پاڪستان ۽ اٽلي پاران ماربل انڊسٽري کي مضبوط بڻائڻ لاءِ فني تعاون تي اتفاق
اسلام آباد-05 ڊسمبر(اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان اٽلي جي ٽريڊ ايجنسي (آءِ ٽي اي) جي سربراهه سالواتور پرا انو سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي ماربل انڊسٽري کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ٻطرفي فني تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي ماربل انڊسٽري ۾ بهتري، اسڪلز ڊولپمينٽ، ويليو ايڊيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي موقعن جو جائزو ورتو ويو. هارون اختر ٻڌايو ته اٽلي کان ماهرن جي هڪ ٽيم کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني ويندي جيڪا ماربل انڊسٽري جو جائزو وٺي عمل جوڳيون تجويزون پيش ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ماربل انڊسٽري جي پاليسي جوڙڻ ۽ ان سيڪٽر ۾ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ماربل جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن ۽ ويليو ايڊيشن سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي. اٽالين ٽريڊ ايجنسي ماربل جي ڪوالٽي بهتر بڻائڻ ۽ جديد ٽيڪنڪ جي استعمال جي اهميت تي زور ڀريو. هارون اختر خان ماربل انڊسٽري جي ترقي لاءِ ڊگهي مدي واري تعاون جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ پيسڊيڪ کي هدايت ڪئي ته هو آءِ ٽي اي ۽ لاڳاپيل ماهرن سان گڏجي تفصيلي پلان تيار ڪري ۽ جامع رپورٽ پيش ڪري.











