اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي)سريلنڪا ۾ آيل خطرناڪ طوفان جي تباهڪارين ۽ سريلنڪا جي حڪومت طرفان امداد جي اپيل جي روشني ۾ اين ڊي ايم اي جا متاثرن لاءِ امدادي قدم جاري آهن. وزيراعظم جي خاص هدايت تي اين ڊي ايم اي طرفان رواني ڪيل پاڪ آرمي جي مخصوص ٽيم متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهي. گذريل ڏينهن اين ڊي ايم اي طرفان جاري بيان موجب طوفان …
اين ڊي ايم اي طرفان سريلنڪا ۾ آيل طوفان جي تباهڪارين جي متاثرن لاءِ امدادي قدم جاري
اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي)سريلنڪا ۾ آيل خطرناڪ طوفان جي تباهڪارين ۽ سريلنڪا جي حڪومت طرفان امداد جي اپيل جي روشني ۾ اين ڊي ايم اي جا متاثرن لاءِ امدادي قدم جاري آهن. وزيراعظم جي خاص هدايت تي اين ڊي ايم اي طرفان رواني ڪيل پاڪ آرمي جي مخصوص ٽيم متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهي. گذريل ڏينهن اين ڊي ايم اي طرفان جاري بيان موجب طوفان جي تباهڪارين جو شڪار ٿيل متاثرن جي امداد لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، طوفان سبب گم ٿيل ماڻهن جي لاشن سان گڏوگڏ فوت ٿيلن جي لاشن کي ڪڍڻ جو عمل به تيزي سان جاري آهي، جابلو علائقن ۾ به پاڪ آرمي جي مخصوص ريسڪيو ٽيم ڀرپور ڪوشش سان امدادي قدم جاري رکيا آهن. اين ڊي ايم اي طرفان ڪمرشل اڏامن ۾ ميسر خالي جڳهه کي استعمال ڪندي وڌيڪ سامان سريلنڪا روانگي جو سلسلو جاري رهندو. وزيراعظم جي خاص هدايت تي اين ڊي ايم اي 200 ٽن امدادي سامان سامونڊي جهاز ذريعي به سريلنڪا روانو ڪيو آهي. اين ڊي ايم اي طرفان سريلنڪا جي متاثرن جي امداد لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رهندي.











