پاڪستان چين جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت بابت معاملن ۾ ان جي مڪمل حمايت ڪري ٿو: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد - 05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چين جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت بابت معاملن ۾ ان جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي صحافين جي سوال جي جواب جنهن ۾ چين جي پرڏيهي وزارت پاران زانگنان (اروناچل پرديش) بابت بيان ۽ ڀارت ۽ ڀارتي ميڊيا جي ردعمل تي پاڪستان جي موقف بابت پڇيو ويو هو ته پاڪستان چين جي پرڏيهي وزارت جي بيان …

اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چين جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت بابت معاملن ۾ ان جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي صحافين جي سوال جي جواب جنهن ۾ چين جي پرڏيهي وزارت پاران زانگنان (اروناچل پرديش) بابت بيان ۽ ڀارت ۽ ڀارتي ميڊيا جي ردعمل تي پاڪستان جي موقف بابت پڇيو ويو هو ته پاڪستان چين جي پرڏيهي وزارت جي بيان جو نوٽيس ورتو آهي، پاڪستان پنهنجي پراڻي پاليسي ورجائي ٿو ته هو چين جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت بابت معاملن ۾ ان جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.