اسلام آباد - 5 ڊسمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جمعي ڏينهن صبح جو پارليامينٽ لاجز جو اچتو دورو ڪيو ۽ تعمير هيٺ 104 اضافي فيملي گهرن ۽ سرونٽ ڪوارٽرز جي تعيراتي ڪم جو جائزو ورتو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اضافي فيملي گهرن ۽ سرونٽ ڪوارٽرز جو منصوبو ڪيترن ئي سالن کان التوا جو شڪار هو. ڪيترن سالن کان التوا هيٺ منصوبي تي ٻيهر ڪم جي شروعات …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران پارليامينٽ لاجز جو اوچتو دورو
اسلام آباد – 5 ڊسمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جمعي ڏينهن صبح جو پارليامينٽ لاجز جو اچتو دورو ڪيو ۽ تعمير هيٺ 104 اضافي فيملي گهرن ۽ سرونٽ ڪوارٽرز جي تعيراتي ڪم جو جائزو ورتو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اضافي فيملي گهرن ۽ سرونٽ ڪوارٽرز جو منصوبو ڪيترن ئي سالن کان التوا جو شڪار هو. ڪيترن سالن کان التوا هيٺ منصوبي تي ٻيهر ڪم جي شروعات اسپيڪر سردار اياز صادق جو خصوصي قدم آهي.سردار اياز صادق اسپيڪر جو منصب سنڀالڻ بعد ان منصوبي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف کان فنڊ رکڻ ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف ان منصوبي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جي هدايت تي ناڻي وزارت اضافي فيملي گهرن ۽ سرونٽ ڪوارٽرز لاءِ فنڊ جاري ڪيا. پارليامينٽ لاجز جي دوري دوران اسپيڪر سردار اياز صادق منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ڪم جي معيار تي ڪو سمجهوتو نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته اضافي فيملي گهر منصوبي ۾ دير سبب پارليامينٽ جي ميمبرن کي رهائش جي سلسلي ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق کي سي ڊي اي طرفان اضافي فيملي گهرن ۽ سرونٽ ڪوارٽرز منصوبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سي ڊي اي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي منصوبي کي جون 2026ع تائين مڪمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ياد رهي ته اهو منصوبو 2011ع ۾ شروع ٿيو ۽ 2013ع ۾ ڪمل ٿيڻو هو پر ڪجهه سببن جي بنياد تي منصوبو ڪيترائي سال دير جو شڪار رهيو. اسپيڪر سردار اياز صادق جي خصوصي هدايت ۽ نگراني سان منصوبو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي.











