خيبرپختونخواهه جي گورنر پاران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرر ڪرڻ جي منظوري جي آجيان

پشاور-05 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صدر مملڪت آصف علي زرداري طرفان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرر ڪرڻ جي منظوري جي آجيان ڪئي آهي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب پنهنجي بيان ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي چيف آف ڊفينس طور مقرري هڪ تاريخي فيصلو آهي جيڪو …

پشاور-05 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صدر مملڪت آصف علي زرداري طرفان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرر ڪرڻ جي منظوري جي آجيان ڪئي آهي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب پنهنجي بيان ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي چيف آف ڊفينس طور مقرري هڪ تاريخي فيصلو آهي جيڪو ملڪي سلامتي ۽ دفاعي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنياد فراهم ڪندو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جون پيشيوراڻيون خدمتون، قائداڻيون صلاحيتون ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ سندس غير معمولي ڪوششون پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. گورنر، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ جي به آجيان ڪندي چيو ته پاڪ فضائيه جي جديد رخن تي قيادت ۽ دفاعي حڪمت عملي ۾ سندس ڪردار ساراهه جوڳو آهي. گورنر ٻنهي اعليٰ عسڪري قيادتن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ جي بقاءَ، امن ۽ دفاع ۾ سندن ذميواريون نهايت اهميت واريون آهن ۽ پوري قوم سندن ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهي.