سنڌ جا پنج ضلعا بدين، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر ۽ سجاول موٽرويز ۽ قومي شاهراهن سان سڌي ريت ڳنڍيل ناهن: مواصلات واري وزارت

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي چئني صوبن سميت آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا 33 ضلعا هن وقت تائين موٽرويز ۽ قومي شاهراهن سان سڌيءَ ريت ڳنڍيل ناهن، ايم اين اي شاهده رحماني جي سوال تي مواصلات واري وزارت طرفان لکت ۾ قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جا پنج ضلعا جن ۾ بدين، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر ۽ سجاول، پنجاب جا 6 ضلعا …

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي چئني صوبن سميت آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا 33 ضلعا هن وقت تائين موٽرويز ۽ قومي شاهراهن سان سڌيءَ ريت ڳنڍيل ناهن، ايم اين اي شاهده رحماني جي سوال تي مواصلات واري وزارت طرفان لکت ۾ قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جا پنج ضلعا جن ۾ بدين، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر ۽ سجاول، پنجاب جا 6 ضلعا جن ۾ بهاولنگر، چنيوٽ، خوشاب، منڊي بهاوالدين، نارووال، پاڪ پتڻ، خيبرپختونخواهه جا 10 ضلعا جن ۾ باجوڙ، ڪرم، مهمند، ڏکڻ وزيرستان، اورڪزئي، اتر وزيرستان، بونير، هنگو، ٽانڪ، طورغر شامل آهن. گلگت بلتستان جو هڪ ضلعو نمانچي، بلوچستان جا 5 ضلعا جن ۾ ڊيره بگٽي، هرنائي، ڪوهلو، زيارت ۽ صحبتپور ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جا 6 ضلعا جن ۾ ڀمبر، حويلي، ڪوٽلي، ميرپور، پونچ شامل آهن، قومي شاهراهن ۽ موٽر ويز سان سنڌيءَ ريت ڳنڍيل ناهن.