سريلنڪا جي فوج جي ڪمانڊر جي پاڪستان جي اربن اينڊ ريسڪيو ٽيم سان ملاقات

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) سريلنڪا جي فوج جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل لاسنٿارود ريگو پاڪستان جي اربن اينڊ ريسڪيو ٽيم سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سريلنڪن فوجي ڪمانڊر پاڪستان جو ڏکئي وقت تي ساٿ ڏيڻ جو شڪريو ادا ڪيو. تفصيل موجب ملاقات دوران سريلنڪن فوجي ڪمانڊر پاڪستان جي اربن اينڊ ريسڪيو ٽيم جي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته پاڪستان پاران سريلنڪا جهڙي دوست ملڪ جي وقت تي …

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) سريلنڪا جي فوج جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل لاسنٿارود ريگو پاڪستان جي اربن اينڊ ريسڪيو ٽيم سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سريلنڪن فوجي ڪمانڊر پاڪستان جو ڏکئي وقت تي ساٿ ڏيڻ جو شڪريو ادا ڪيو. تفصيل موجب ملاقات دوران سريلنڪن فوجي ڪمانڊر پاڪستان جي اربن اينڊ ريسڪيو ٽيم جي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته پاڪستان پاران سريلنڪا جهڙي دوست ملڪ جي وقت تي مدد ذريعي عالمي ذميواري ۽ دوست ملڪن سان هر ممڪن سهڪار جي عڪاسي ڪري ٿي.