اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف ڊفينس فورسز مقرر ٿيڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته سيد عاصم منير جو چيف آف ڊفينس فورسز جي منصب تي مقرر ٿيڻ واکاڻ جوڳو آهي. پنهنجي جاري بيان ۾ انجنيئر امير مقام چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف ڊفينس فورسز …
وفاقي وزير انجنيئر امير مقام طرفان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف ڊفينس فورسز مقرر ٿيڻ تي مبارڪون
اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف ڊفينس فورسز مقرر ٿيڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته سيد عاصم منير جو چيف آف ڊفينس فورسز جي منصب تي مقرر ٿيڻ واکاڻ جوڳو آهي. پنهنجي جاري بيان ۾ انجنيئر امير مقام چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف ڊفينس فورسز طور مقرري سندس قائداڻين صلاحيتن جو ثبوت آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، انجنيئر امير مقام چيو ته قوم کي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي جرئت ۽ بهادري تي فخر آهي، سموري قوم پاڪ فوج ۽ سپهه سالار سان گڏ بيٺل آهي. وفاقي وزير ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو کي به ٻن سالن جي واڌ تي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











