اسلام آباد-05 ڊسمبر(اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته ترڪيه ۾ 22 کان 25 فيبروري تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش موٽو بائيڪ 2026ع ۾ شرڪت لاءِ 10 ڊسمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش ترڪيه ۾ 22 کان 25 فيبروري تائين جاري رهندي جنهن ۾ موٽر سائيڪل ٽائرن، موٽر سائيڪل پارٽس ۽ اسيسريز سان لاڳاپيل ماڻهو …
ترڪيه ۾ عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 10 ڊسمبر تائين طلب
اسلام آباد-05 ڊسمبر(اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته ترڪيه ۾ 22 کان 25 فيبروري تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش موٽو بائيڪ 2026ع ۾ شرڪت لاءِ 10 ڊسمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش ترڪيه ۾ 22 کان 25 فيبروري تائين جاري رهندي جنهن ۾ موٽر سائيڪل ٽائرن، موٽر سائيڪل پارٽس ۽ اسيسريز سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ پنهنجا واپاري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.











