وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملائيشيا جي وزيراعظم کي ٽيليفون، تازي طوفان سبب ٿيندڙ تباهي تي يڪجهتي جو اظهار

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم کي ٽيليفون ڪري تازي طوفان سبب ٿيندڙ تباهي تي ملائيشيا جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي تي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم سان تازي طوفان 'ڊاه واه' جي ڪري تيز برساتن، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب قيمتي …

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم کي ٽيليفون ڪري تازي طوفان سبب ٿيندڙ تباهي تي ملائيشيا جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي تي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم سان تازي طوفان ‘ڊاه واه’ جي ڪري تيز برساتن، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم متاثر ۽ سوڳوار خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين ۽ بي گهر ماڻهن جي جلد صحتيابي ۽ بحالي جي خواهش ظاهر ڪئي. وزيراعظم هن ڏکئي وقت ۾ ملائيشيا جي عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ملائيشيا ۾ جاري امداد ۽ ريسڪيو جي ڪمن ۾ پاڪستان طرفان هر ممڪن مدد جي آڇ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان امدادي ڪمن ۾ ملائيشيا جي حڪومت کي جيڪا به مدد گهربل هوندي، فراهم ڪندو. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستاني وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ همدردي جو اظهار، ڳڻتي ۽ رابطو پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن جو مظهر آهي.