دفاع واري وزارت پاران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آرمي چيف ۽ ڊفينس فورسز جي سربراهه ۽ هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي مدت ۾ ٻن سالن جي واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري وزارت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آرمي چيف ۽ ڊفينس فورسز جي سربراهه ۽ هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي مدت ۾ ٻن سالن جي واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جمعي ڏينهن دفاع واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صدر، وزيراعظم جي صلاح تي، 1973ع جي آئين جي …

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري وزارت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آرمي چيف ۽ ڊفينس فورسز جي سربراهه ۽ هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي مدت ۾ ٻن سالن جي واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جمعي ڏينهن دفاع واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صدر، وزيراعظم جي صلاح تي، 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 243 ۽ پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952 جي سيڪشن 8 اي جي تحت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. اها مقرري پنجن سالن جي عرصي لاءِ آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملڪ جو پهريون چيف آف ڊفينس فورسز هوندو. اهڙي طرح، دفاع واري وزارت ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي مدت ۾ ٻن سالن جي واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 273 ۽ پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ 1953 جي سيڪشن 10 بي جي تحت، وزيراعظم شهباز شريف هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌُو جي مدت ۾ ٻن سالن جي واڌ جي منظوري به ڏني آهي. هي واڌ مارچ 2026ع کان سندس موجوده پنج سالن جي مدت جي مڪمل ٿيڻ تي لاڳو ٿيندي.