اسلام آباد - 05 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٿائيلينڊ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٿائيلينڊ جي ڏاکڻي صوبن ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ٿائيلينڊ جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان جي گهري همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ چاهيان ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف …
صدر آصف علي زرداري پاران ٿائيلينڊ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پيغام
اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٿائيلينڊ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٿائيلينڊ جي ڏاکڻي صوبن ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ٿائيلينڊ جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان جي گهري همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ چاهيان ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته قيمتي جاني نقصان ۽ 10 لک کان وڌيڪ خاندانن تي پوندڙ اثر ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ علائقائي ۽ عالمي تعاون جي فوري ضرورت آهي. هن چيو ته ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا دنيا جي ٻين ڪيترن ئي خطن جي مقابلي ۾ موسمياتي تبديلي کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي، پاڪستان به موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ٿائيلينڊ ۽ خطي جي ٻين ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر چيو ته ٿائيلينڊ جي حڪومت ۽ عوام کي انهن جي قومي ڏينهن تي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي دوستاڻا لاڳاپا رکن ٿا. پاڪستان ٿائيلينڊ سان پنهنجي پراڻي وابستگي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، علائقائي ۽ عالمي فورمز تي اسان جي شموليت ڪيترن ئي معاملن تي گڏيل فهم جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته اسان خطي ۾ امن، ترقي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ٿائيلينڊ جي ڪوششن جي قدر ڪريون ٿا، پاڪستان ڳالهه ٻولهه، اقتصادي رابطي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ ٿائيلينڊ جي تعميري ڪردار کي ساراهي ٿو، اسان خطي ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل ڀلائي جي لاءِ جاري قدمن جي حمايت جاري رکنداسين. صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ ٿائيلينڊ جي قومي ڏينهن تي پاڪستان جي عوام ٿائي قوم سان پائيدار امن، خوشحالي ۽ ترقي جي نيڪ خواهشن ۾ شريڪ آهي، پاڪستان گڏيل ترجيحن ۽ مضبوط دوستي جي بنياد تي هڪ بهتر مستقبل جي تعمير جي لاءِ ٿائيلينڊ سان وڌيڪ ويجهي تعاون جو خواهشمند آهي.











