صدر آصف علي زرداري فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بطور چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز مقرري جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد - 04 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي 5 سالن جي لاءِ بطور چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز مقرري جي لاءِ وزيراعظم پاران موڪليل سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جي …

اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي 5 سالن جي لاءِ بطور چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز مقرري جي لاءِ وزيراعظم پاران موڪليل سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جي مدي ۾ ٻن سالن جي توسيع جي پڻ منظوري ڏني جيڪا ان جي موجوده ملازمت جي مدي جي پڄاڻي يعني 19 مارچ 2026ع کان لاڳو هوندي. صدر آصف علي زرداري چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف ايئر اسٽاف جي ايندڙ مدي جي دوران خدمتن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.