اسلام آباد - 04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ پاڪستان ڪرغزستان بزنس فورم منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف شرڪت ڪئي. هن سال بزنس فورم ۾ غيرمعمولي سطح تي شرڪت ڏسڻ ۾ آئي جنهن ۾ ڪرغزستان مان 20 نمائندن ۽ 83 پاڪستاني ڪمپنين بشمول فارماسيوٽيڪل، …
پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اسلام آباد ۾ پاڪستان ڪرغزستان بزنس فورم منعقد
اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ پاڪستان ڪرغزستان بزنس فورم منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف شرڪت ڪئي. هن سال بزنس فورم ۾ غيرمعمولي سطح تي شرڪت ڏسڻ ۾ آئي جنهن ۾ ڪرغزستان مان 20 نمائندن ۽ 83 پاڪستاني ڪمپنين بشمول فارماسيوٽيڪل، تعليم، بئنڪنگ، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، توانائي ۽ لاجسٽڪس جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. هن فورم 120 ساختي بي ٽو بي ملاقاتن جي سهولت فراهم ڪئي. بزنس فورم ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف لاجسٽڪس، توانائي جي لنگهن ۽ علائقائي رابطن ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو، ان سان گڏوگڏ واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ اداراجاتي رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. فورم فارما، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي، سيڙپڪاري، توانائي، لاجسٽڪس ۽ بئنڪنگ سميت اهم شعبن ۾ 11 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون. ٻنهي ڌرين سيڙپڪاري جي سهولت معياري بڻائڻ ۽ حلال واپار ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. فورم کي خطاب ڪندي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ پراڻي تاريخي ۽ ثقافتي رشتن جي باوجود ٻطرفا اقتصادي رابطا پنهنجي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهن. هن واپار کي تيز ڪرڻ، سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ پائيدار اقتصادي رابطا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڌيان ڏيڻ ۽ قابل عمل قدم کڻڻ تي زور ڏنو. واپار واري وزير زراعت، دواسازي، آءِ ٽي، قابل تجديد توانائي، ويليو ايڊيڊ صنعتن ۽ کاڻين جي کوٽائي ۾ تعاون جي وسيع موقعن تي زور ڏنو، جنهن سان ڪرغز ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪئي وئي ته اهي پاڪستان جي اڀرندڙ سيڙپڪاري جي منظرنامي کي ڳولين. هن اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ڪردار کي ون ونڊو پليٽ فارم جي طور تي پڻ اجاگر ڪيو جيڪو سيڙپڪارن جي مدد ڪري ٿو، ريگيوليٽري رڪاوٽن کي گهٽ ڪري ٿو ۽ وقت سر فيصلاسازي کي يقيني بڻائي ٿو. هن ڪاروباري برادرين کي مارڪيٽ تائين پهچ جي سهولت فراهم ڪرڻ، حصيداري جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جي قيادت ۾ ترقي کي فعال ڪرڻ ۾ مڪمل حڪومتي تعاون جو يقين ڏياريو. فورم ۾ تفصيلي پريزنٽيشنز ٽي ڊي اي پي جي سي اي او فيض احمد ڏني جنهن پاڪستان جي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کان آگاهه ڪيو. واپار واري وزير فورم کي پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي تعاون ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ هڪ لچڪدار ۽ گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري قائم ڪري سگهن ٿا.











