اسلام آباد - 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا موجود آهن، ڪراچي ۽ گوادر پورٽ ڪرغزستان جي لاءِ بهترين پهچ فراهم ڪري سگهن ٿا، ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي 20 ڪروڙ ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ڪاسا – 1000 منصوبي جو پاڪستان …
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا موجود آهن، ڪراچي ۽ گوادر پورٽ ڪرغزستان جي لاءِ بهترين پهچ فراهم ڪري سگهن ٿا: وزيراعظم شهباز شريف جو پاڪستان – ڪرغزستان بزنس فورم کي خطاب
اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا موجود آهن، ڪراچي ۽ گوادر پورٽ ڪرغزستان جي لاءِ بهترين پهچ فراهم ڪري سگهن ٿا، ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي 20 ڪروڙ ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ڪاسا – 1000 منصوبي جو پاڪستان جو حصو جلد مڪمل ٿي ويندو جڏهن ته ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪرغزستان يورپي منڊين جي لاءِ گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، گڏجي عالمي منڊين ۾ پنهنجو مقام بڻائي سگهون ٿا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – ڪرغزستان بزنس فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ فورم کي خطاب ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف فورم کي خطاب ڪندي ڪرغزستان جي صدر ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي. هن چيو ته 20 سالن کانپوءِ ڪرغزستان جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. هن ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري ۽ وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هن دوري جي دوران تعميري ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي. اقتصادي تعاون وڌائڻ، ثقافتي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ امن ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان اهم خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم ريل ۽ ڪنيڪٽيويٽي منصوبي کي خطي جي لاءِ اهم معاشي موقعو قرار ڏيندي چيو ته ازبڪستان ۽ افغانستان سان اڳ ۾ ئي ايم او يو تي صحيحون ٿي چڪيون آهن جنهن جا اثر پوري خطي تي پوندا. هن چيو ته ڪرغزستان لينڊ لاڪ ملڪ آهي، ڪراچي ۽ گوادر پورٽ ڪرغزستان جي لاءِ بهترين پهچ فراهم ڪري سگهن ٿا، ڪرغزستان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جا 8500 شاگرد ڪرغزستان ۾ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان جوائنٽ مڪينزم ٺاهي سگهجي ٿو. وزيراعظم ٻطرفو واپار وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ٻطرفو واپاري ڪاٿو 20 ڪروڙ ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ايندڙ سالن دوران ان ۾ وڏو اضافو ٿيندو. هن ڪرغزستان جي قيادت جي ترقي ۽ اقتصادي خوشحالي جي ويزن کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا مختلف شهر ۽ بشڪيڪ صوفي ازم ۽ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ثقافتي پروگرامن جو انعقاد ڪري سگهن ٿا. هن ڪاسا – 1000 جي لاءِ ڪرغزستان جي ڪم کي ساراهيندي چيو ته ڪاسا – 1000 منصوبي جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جاري آهي. ڪاسا – 1000 منصوبي جو پاڪستان جو حصو جلد مڪمل ٿي ويندو. هن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندي چيو ته ايس آءِ ايف سي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو سهولت آهي، پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا آهن، ڪرغز ڪاروباري ماڻهو ۽ پاڪستاني صنعتڪار واپاري فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان نوجوانن کي آءِ ٽي، اي آءِ ۽ فني تربيت جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، پاڪستاني ٽيڪسٽائيل، زراعت ۽ سياحتي شعبو تيزي سان وڌي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿي رهيو آهي، موسمياتي تبديلي گڏيل چئلينج آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪرغز دوستي کي مضبوط معاشي حصيداري ۾ بدلائڻو آهي. ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هو پاڪستان اچڻ تي تمام گهڻو خوش آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن. هن پاڪستان جي پائيدار ترقياتي هدفن کي ساراهيندي چيو ته ڪرغزستان ۽ پاڪستان ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. هن ڪرغزستان کي جاگرافيائي لحاظ کان اهم ملڪ قرار ڏيندي چيو ته لاجسٽڪ رابطن سان ٻئي ملڪ عالمي مارڪيٽن تائين پهچي سگهن ٿا، ڪرغزستان يورپي منڊين جي لاءِ گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ واپار جي لاءِ پُل جو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. هن ڪرغزستان جي اقتصادي ترقي جو ذڪر ڪندي چيو ته 5 سالن ۾ ڪرغزستان جي جي ڊي پي ٻيڻي ٿي وئي آهي. 2030ع ترقياتي پروگرام تحت وڏا قومي منصوبا شروع ڪيا آهن. هن چيو ته چين، ڪرغزستان، ازبڪستان ريلوي منصوبو شروع ڪيو آهي جيڪو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته حلال فوڊ جي برآمدات جي لاءِ ڪرغزستان ۾ وسيع موقعا آهن. پاڪستاني واپارين جي لاءِ ڪرپٽو ۽ ورچوئل اثاثن ۾ پڻ وسيع موقعا موجود آهن. هن پاڪستاني واپارين کي ڪرغزستان اچي موقعن جو جائزو وٺڻ جي دعوت پڻ ڏني.











