صدر آصف علي زرداري ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، تعليم، بئنڪاري ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم جو اظهار

اسلام آباد - 04 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، تعليم، بئنڪاري ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف جي آجيان ڪئي. …

اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، تعليم، بئنڪاري ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف جي آجيان ڪئي. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کان اڳ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي جائزي جي لاءِ مختصر (نويڪلائي ۾) ملاقات ڪئي. صدر معزز مهمان جي آجيان ڪندي چيو ته اٽڪل 20 سالن کانپوءِ ڪرغزستان جي ڪنهن صدر جو هي اعليٰ سطحي دورو آهي ۽ هي دورو ڪرغزستان سان اڳ کان موجود دوستاڻي لاڳاپن ۾ نئين جان وجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ڪرغزستان سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل مذهب، تاريخي ورثي ۽ ثقافتي هم آهنگي تي ٻڌل آهن. ٻنهي صدرن مختلف شعبن ۾ تعاون جو جائزو ورتو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موجوده واپاري ڪاٿو ٻنهي ملڪن جي اصل صلاحيت جي عڪاسي نه ٿو ڪري. هن گڏيل واپار جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري پاڪستان – ڪرغزستان بزنس فورم ۾ ڪرغز ڪاروباري وفد جي شرڪت کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي گڏيل خواهش جو اظهار آهي. صدر ڪاسا – 1000 منصوبي جي ڪرغز حصي جي تڪميل تي ڪرغزستان کي ساراهيو. هن ان منصوبي جي پاڪستاني حصي جي وقت سر تڪميل جي عزم کي ورجايو جيڪو هاڻي تڪميل جي آخري مرحلن ۾ آهي. ٻنهي صدرن علائقائي رابطن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ چار ڌريي ٽريفڪ ان ٽرانزٽ معاهدي تحت فعال زميني لنگهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان کي عرب سمنڊ تائين سڀ کان مختصر ۽ گهٽ لاڳت لنگهه فراهم ڪرڻ جي تياري جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سياحت ۽ عوامي رابطن جي فروغ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڪرغزستان جي حڪومت ۽ عوام جا وڏي انگ ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ ڪارڪنن جي ميزباني تي ٿورا ادا ڪيا. صدر معزز مهمان کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ڪرغزستان کي پنهنجي بزنس ويزا لسٽ ۽ ويزا پرائر ٽو ارائيول ڪيٽيگريز ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستاني واپارين ۽ مسافرن جي لاءِ اهڙي طرح جي سهولتڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي. صدر ان موقعي تي اهو به ياد ڏياريو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1995ع ۾ ڪرغزستان جي آزادي کانپوءِ دورو ڪندڙ پهرين پاڪستاني وزيراعظم هئي ۽ هو پاڻ به ان دوري ۾ ساڻس گڏ هو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن واپار، توانائي، رابطن، تعليم، بئنڪاري ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. صدر زپاروف صدر آصف علي زرداري کي آگاهه ڪيو ته ڪرغزستان جي تازي عام چونڊن کانپوءِ هڪ نئون قانون منظور ڪيو ويو آهي جنهن تحت گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو سيٽون عورتن جي لاءِ مختص ڪيون ويون آهن. هن ڪرغزستان جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ صدر کي پنهنجي سهولت موجب ڪرغزستان جي دوري جي دعوت ڏني. ان موقعي تي علائقائي ۽ عالمي صورتحال سان لاڳاپيل معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪرغز وفد ۾ پرڏيهي وزير زينيڪ ڪلوبائيف، سائنس، اعليٰ تعليم ۽ جدت وارو وزير بختيار اوروزوف، توانائي وارو وزير تالائبيڪ ابراهيو، معيشت ۽ واپار وارو وزير بڪت سيديڪوف، نيشنل انويسٽمينٽ ايجنسي جو ڊائريڪٽر راوشان بيڪ سبيروف، صدارتي انتظاميا جي پرڏيهي پاليسي واري شعبي جو سربراهه ساگن بيڪ عبدو متاليپ، ڪرغزستان جو اٽارني جنرل مڪسات علييف ۽ پاڪستان ۾ ڪرغزستان جو سفير ڪليچ بيڪ سلطان شامل هئا. پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، توانائي ۽ بجلي وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا، قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف، اڳوڻو سينيٽ چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري، پرڏيهي سيڪريٽري، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن وارو سيڪريٽري ۽ ڪرغزستان ۾ پاڪستان جو سفير شامل هئا. ملاقات کانپوءِ معزز مهمان جي اعزاز ۾ آجياڻي جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان، گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ۽ سفارتي ڪور جي ميمبرن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري صدر صادر زپاروف کي سالگرهه جي اڳواٽ مبارڪباد پڻ ڏني جيڪو 6 ڊسمبر تي 57 سالن جو ٿي ويندو. ان موقعي جي مناسبت سان آرڪسٽرا وائلن تي ”هيپي برٿ ڊي“ پڻ وڄايو.