اسلام آباد - 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪنهن قيدي سان سياسي ڳالهه ٻولهه جي اجازت ناهي هوندي، باني پي ٽي آءِ سان ملاقاتن دوران سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، رياست جي خلاف ماڻهن کي اتساهڻ سميت ٻيون سرگرميون رپورٽ ٿي چڪيون آهن. قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن جي ملاقات بند ڪئي ويندي، جيڪڏهن جيل جي ٻاهران …
ڪنهن قيدي سان سياسي ڳالهه ٻولهه جي اجازت ناهي هوندي، قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن جي ملاقات بند ڪئي ويندي: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪنهن قيدي سان سياسي ڳالهه ٻولهه جي اجازت ناهي هوندي، باني پي ٽي آءِ سان ملاقاتن دوران سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، رياست جي خلاف ماڻهن کي اتساهڻ سميت ٻيون سرگرميون رپورٽ ٿي چڪيون آهن. قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن جي ملاقات بند ڪئي ويندي، جيڪڏهن جيل جي ٻاهران امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو سختي سان نوٽيس ورتو ويندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ 190 ملين پائونڊ جي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ سزا يافته قيدي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي هڪ عورت اڳواڻ ڀارتي ۽ افغان ميڊيا تي اهو تاثر ڏنو ته باني پي ٽي آءِ جي زندگيءَ کي خطرو آهي جڏهن ته باني پي ٽي آءِ کي جيل ۾ اهي سهولتون ميسر آهن جيڪي ڪنهن عام قيدي کي دستياب نه آهن، ڪنهن قيدي کي ٽريڊمل ۽ سائيڪل جهڙيون سهولتون ڪڏهن به فراهم نه ڪيون ويون. باني پي ٽي آءِ روزانو ڏيڍ ڪلاڪ ٽريڊمل استعمال ڪري ٿو جڏهن ته هڪ طرف عالمي ميڊيا تي اها پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي ته سندس حياتي کي خطرو آهي، ان جو مقصد پاڪستان جي حڪومت ۽ ادارن کي بدنام ڪرڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ جو صبح جو ناشتو هڪ غريب ماڻهو جي سڄي هفتي جي خوراڪ جي برابر آهي جڏهن ته ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن قيدي کي ان نوعيت جون سهولتون نه ملن. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ منهن تي هٿ ڦيرائي اهو چيو هو ته ”آئون انهن جي اي سي لهرائي ڇڏيندس“ باني پي ٽي آءِ ان حد تائين ويو جو پنهنجي سياسي مخالفت ۾ ايستائين چيو ته مخالف جي ڌيءَ کي ان جي سامهون گرفتار ڪريو ته جيئن ان کي تڪليف پهچي. اهي سموريون ڳالهيون جنهن لهجي، انداز ۽ غرور تڪبر سان چيون ويون، انهن تي ان کي الله تعاليٰ کان معافي وٺڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ جون ٽئي ڀينرون 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهر موجود هيون ۽ انهن جي موجودگي جا ثبوت پڻ موجود آهن. هاڻي هي مسلسل اڊيالا جيل ۾ امن امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. هن چيو ته قاعدن موجب ڪنهن به قيدي سان سياسي نوعيت جي ڳالهه ٻولهه جي اجازت ناهي هوندي ۽ اهو رپورٽ ڪيو ويو ته ملاقات دوران سياسي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان جي لاءِ اڄ کانپوءِ عظميٰ خان جي ملاقات تي پڻ پابندي آهي. هن چيو ته سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، رياست جي خلاف ماڻهن کي اتساهڻ سميت ٻيون سرگرميون رپورٽ ٿي چڪيون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيل سپرنٽينڊنٽ جي موجودگي ۾ ملاقاتون ٿينديون آهن ۽ جيڪو به قاعدي قانون جي خلاف ورزي ڪندو ان جي ملاقات بند ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن جيل جي ٻاهر امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو سختي سان نوٽيس ورتو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو ممڪن نه آهي ته ڪو شخص جيل جي اندر ويهي ڀارت ۽ افغانستان جو بيانيو اڳتي وڌائي ۽ ٻاهر اچي فوج ۽ ان جي سربراهه جي خلاف ٽوئيٽس ڪري ۽ پوري نظام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ پوءِ ڀارت ۽ افغانستان جي ميڊيا کي انٽرويوز ڏي. هن چيو ته قاعدن جي خلاف ورزي ٿئي ته قانون ڪنهن صورت ۾ ملاقات جي اجازت نه ٿو ڏي، انهن کي هڪ موقعو فراهم ڪيو ويو هو پر جنهن جنهن خلاف ورزي ڪئي آهي ان جون ملاقاتون بند ڪيون ويون آهن. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي جيل جي اندران پيغام اچن ٿا ته ادارن جي خلاف ٽوئيٽ ڪيو وڃي اهو رڳو مايوسي جو اظهار آهي. عظميٰ خان صحيح چيو ته باني پي ٽي آءِ ڪاوڙ ۽ فرسٽريشن ۾ هو. کيس سوچڻ گهرجي ها ته ميگا ڪرپشن ڪرڻ وڃي رهيو آهي ته ان جو به وارو اچي سگهي ٿو پر ان وقت هو چوندو هو ته ”آئون ڪنهن کي نه ڇڏيندس“ اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه سندس سياست جو محور هئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي گرفتار ڪيو ويو. انهن جا پنهنجا ڪرتوت اهي آهن ته 190 ملين پائونڊ جو ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ڪيو جنهن جو انهن وٽ اڄ تائين ڪو قانوني جواب نه آهي. جڏهن انهن کان پڇيو ٿو وڃي ته اهي جواب ۾ چون ٿا ته اسان رياست مدينه جو نالو وٺندا هئاسين ان لاءِ سزا ڏني وئي جڏهن ته حقيقت اها آهي ته تحريڪ انصاف جو ڪو اڳواڻ ان ڪيس جو قانوني دفاع پيش نه ڪري سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته رياست فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن جيل جي ٻاهر امن امان جي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ ان حوالي سان زيرو ٽالرنس جي پاليسي آهي. هن چيو ته هي روزانو جيل جي ٻاهران تماشو لڳائين ٿا، پوليس اهلڪارن کي ڌڪا ڏين ٿا جڏهن ته اسان پاڻ به وڪيل جي طور تي جيلن ۾ ويندا رهيا آهيون پر نه ڪڏهن رستو بلاڪ ڪيو ۽ نه ئي امن امان جي صورتحال پيدا ڪئي. هن چيو ته اسان ڪڏهن به جيل جي ٻاهر اچي رياستي ادارن يا ملڪي دفاع جي خلاف ڳالهه نه ڪئي. ماضي ۾ جڏهن ميان نواز شريف جي صحت خراب هئي ۽ ڊاڪٽر عدنان تائين پهچ نه ملندي هئي، تڏهن به اسان اهڙي طرح جو طرزعمل اختيار نه ڪيو. وفاقي وزير واضح ڪيو ته قاعدن جي خلاف ورزي ڪندڙ ڪنهن به شخص کي ملاقات جي اجازت نه ملندي. جيڪڏهن لاء اينڊ آرڊر جي صورتحال پيدا ڪئي وئي ته رياست پنهنجي رِٽ يقيني بڻائيندي. ان ۾ ڪو ابهام نه رهي، ان حوالي سان هدايتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن کي قانون موجب ئي جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته ملاقاتن جو مقصد قانوني مشاورت ۽ خيريت معلوم ڪرڻ هوندو آهي پر جيل ۾ ويهي اهي رياست کي ڪمزور ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، ان رياست کي جنهن ڀارت کي شڪست ڏني ۽ پنهنجي اوڀر ۽ اولهندي سرحدي دفاع کي مضبوط بڻايو. هن چيو ته اڄ دنيا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي ساراهي رهي آهي پر اهي پنهنجي روش کان نٿا مُڙن. هي چاهين ٿا ته ملڪ جو دفاع ڪمزور ٿئي ۽ رياست جي سالميت متاثر ٿئي. وفاقي وزير چيو ته انهن ملڪ جي ڊيفالٽ جون دعائون ڪيون پر الله جي ڪرم سان معيشت ٽيڪ آف ڪيو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌيا، مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي ۽ اڄ به ملڪي معيشت جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته اها ان کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي جيڪا پي ٽي آءِ ڇڏي وئي. هن چيو ته ”اڏار پاڪستان“ تحت معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي. وفاقي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ جو مقصد رڳو ”مان، مان ۽ مان آهي“ مڪمل اناپرستي ۽ ذاتي مفاد جي لاءِ قومي مفاد کي قربان ڪرڻ ئي انهن جو طرزعمل رهيو آهي، ملڪ ۽ قوم انهن جي لاءِ ڪا اهميت نه ٿي رکي، ڪڏهن اهي غلامي جو نعرو لڳائين ٿا ۽ ڪڏهن ان کي تسليم ڪن ٿا. هر معاملي تي يوٽرن وٺن ٿا. هن چيو ته شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي اڳ ۾ ڪڏهن به انهي ٿي پر پي ٽي آءِ شهيدن جو مذاق تائين اڏايو. هن چيو ته هي چاهين ٿا ته انهن جي انا جي آڏو قومي مفاد کي سرنڊر ڪيو وڃي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. هن چيو ته سڀ کان پهرين پاڪستان آهي ۽ پاڪستان سدائين زندهه آباد رهندو، هي پنهنجي ذاتي مقصد ۾ ناڪام ئي رهندا. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جو اين ايف سي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ خوش آئنده ڳالهه آهي، اها ئي ان جي بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته هو هاڻي رستن جي سياست کان هٽي ڪري اجلاسن ۾ شريڪ ٿي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته کيس ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پڻ شريڪ ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا اها آڇ ورجائي چڪو آهي ته صوبي جي بهتري ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي هڪ فيچر متعارف ٿيو آهي جنهن مان خبر پئجي وڃي ٿي ته ايڪس اڪائونٽ ڪهڙي ملڪ مان آپريٽ ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جا اڌ اڪائونٽ انڊيا ۽ اڌ افغانستان مان هلي رهيا آهن، هاڻي ان ۾ ڪو ابهام ناهي رهيو. هن چيو ته ملڪ ۾ قانون ۽ آئين موجود آهي، هڪ سزا يافته ڏوهاري جيڪو ڪرپشن جي ڪيس ۾ قيد آهي، ان کي اها اجازت نه آهي ته هو اهڙي طرح جو بيانيو ڦهلائي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ لاهور مان تحريڪ انصاف جي چار چار اميدوار بيٺا هئا، هريپور ۾ صوبائي مشينري جي باوجود اهي چونڊون هارائي ويا، تحريڪ انصاف جي ايڊمنسٽريشن، پوليس ۽ عملو انهن جو پنهنجو هو ۽ اتان مسلم ليگ (ن) جو سياسي ورڪر بابر نواز کٽي آيو، پي ٽي آءِ جي ڪوڙ، مڪر ۽ فريب تي ڪنهن کي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته پنجاب حڪومت کي سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل پاران درخواست ملي آهي ته معمول جي ملاقاتن ۾ مشڪلاتون درپيش آهن ۽ صورتحال پريشاني جو سبب بڻجي رهي آهي. هن چيو ته هاڻي امن امان خراب ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.











