ڪراچي - 04 ڊسمبر (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيڊمي (آءِ ايس اي) اسلام آباد جي آفيسرن تي ٻڌل هڪ وفد ڪراچي جي مطالعاتي دوري جي موقعي تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ڪراچي بيورو آفيس جو دورو ڪيو ۽ سرڪاري نيوز ايجنسي جي ڪم ڪار جي نظام بابت تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي. وفد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرام (ايس ٽي پي) عظميٰ ارجمند، پروبيشنر آفيسر بصيرت …
انفارميشن سروس اڪيڊمي اسلام آباد جي آفيسرن تي ٻڌل وفد جو اي پي پي ڪراچي بيورو آفيس جو دورو
ڪراچي – 04 ڊسمبر (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيڊمي (آءِ ايس اي) اسلام آباد جي آفيسرن تي ٻڌل هڪ وفد ڪراچي جي مطالعاتي دوري جي موقعي تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ڪراچي بيورو آفيس جو دورو ڪيو ۽ سرڪاري نيوز ايجنسي جي ڪم ڪار جي نظام بابت تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي. وفد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرام (ايس ٽي پي) عظميٰ ارجمند، پروبيشنر آفيسر بصيرت اقبال، ڊائريڪٽر پي آءِ ڊي ڪراچي خالد معراج عباسي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر نعمان احمد شامل هئا. وفد قومي خابرو اداري جي معاملن، ميڊيا ڪوريج، خبرون پهچائڻ ۽ ايڊيٽنگ جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اي پي پي ڪراچي جي بيورو چيف عبدالله سروهي وفد کي اداري جي تاريخي پس منظر، ذميوارين ۽ ملڪ جي قومي خابرو ايجنسي جي دائره ڪار بابت آگاهي ڏني. وفد بيورو جي مختلف شعبن جو پڻ معائنو ڪيو. آءِ ايس اي جي وفد پنهنجي دوري جي موقعي تي مختلف قومي ميڊيا ادارن جن ۾ پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي)، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ريڊيو پاڪستان) ۽ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن (اي بي سي) شامل آهن، جو پڻ دورو ڪيو. آفيسرن ڪراچي ۾ نجي ميڊيا هائوسز جا پڻ دورا ڪيا جتي انهن انتظامي معاملن ۽ ڪم جي طريقيڪار بابت آگاهي حاصل ڪئي.











