اسلام آباد - 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بطور چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز مقرري جي سمري منظوري کانپوءِ ايوان صدر موڪلي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيف آف آرمي اسٽاف سان گڏوگڏ چيف آف ڊفينس فورسز پڻ هوندو، اها مقرري 5 سالن جي لاءِ آهي. …
وزيراعظم فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بطور چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز مقرري جي سمري منظوري کانپوءِ ايوان صدر موڪلي ڇڏي
اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بطور چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز مقرري جي سمري منظوري کانپوءِ ايوان صدر موڪلي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيف آف آرمي اسٽاف سان گڏوگڏ چيف آف ڊفينس فورسز پڻ هوندو، اها مقرري 5 سالن جي لاءِ آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملڪ جو پهريون چيف آف ڊفينس فورسز هوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جي مدي ۾ پڻ ٻن سالن جي توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها توسيع سندس موجوده 5 سالن جي ملازمت جي مدي جي مارچ 2026ع ۾ مڪمل ٿيڻ تي لاڳو ٿيندي.











