ڪوئيٽا - 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات کاتي، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ پاران پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي واري پراجيڪٽ تحت گول ميز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سينيئر صحافين، بزنس ڪميونٽي ۽ استادن شرڪت ڪئي. گول ميز ڪانفرنس کي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شاهد عمران رانجها خطاب ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا تي انتهاپسندي جي فروغ کي روڪڻ جي لاءِ سمورن طبقن جا ماڻهو پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪن، …
اطلاعات ۽ نشريات کاتي، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ پاران پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي واري پراجيڪٽ تحت گول ميز ڪانفرنس
ڪوئيٽا – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات کاتي، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ پاران پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي واري پراجيڪٽ تحت گول ميز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سينيئر صحافين، بزنس ڪميونٽي ۽ استادن شرڪت ڪئي. گول ميز ڪانفرنس کي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شاهد عمران رانجها خطاب ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا تي انتهاپسندي جي فروغ کي روڪڻ جي لاءِ سمورن طبقن جا ماڻهو پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪن، سوشل ميڊيا تي گمراهه ڪندڙ خبرن جي تشهير کي روڪڻ جي لاءِ صحافين جو ڪردار تمام اهم آهي جيئن ته صحافي عملي طور تي بشمول سوشل ميڊيا ۽ ٻين اخباري ذريعن سان واڳيل هوندا آهن تنهن ڪري خبرن جي نوعيت، ذريعن ۽ حقيقت کان چڱي ريت باخبر هوندا آهن، جيڪڏهن اهي خبرن ۾ سچائي کي فوقيت ڏيندا ته غلط خبرن جي تشهير ۽ انتهاپسندي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اهڙي طرح بزنس ڪميونٽي سان واڳيل ماڻهو جيئن ته ملڪ جي معيشت جي حوالي سان هڪ ڌُر جي حيثيت رکن ٿا، جيڪڏهن اسان جا ڪاروباري ماڻهو به ان ناسور کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا ذريعا استعمال ڪندا ته ان معاشرتي برائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. مباحثي ۾ حصو وٺندي سينيئر صحافي سيد علي شاهه چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا تي فيڪ نيوز ۽ خبرن ۾ انتهاپسندي کي ڪائونٽر ڪرڻ جي لاءِ استادن جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي ڇو ته استاد اسان جي نئين نسل جي ذهني تعمير ڪري رهيا هوندا آهن ۽ اهي ڊيجيٽل ميڊيا تي فيڪ نيوز ۽ انتهاپسندي جي روڪٿام جي حوالي سان نوجوانن جي ذهن سازي ڪن ۽ انهن جي ذهني معيار کي ان سطح تي کڻي اچن ته جڏهن اهي عملي ميدان ۾ قدم رکن ته اهڙي طرح جي جديد معاشرتي برائي جي هر قدم تي رڪاوٽ جو سبب بڻجن ته جيئن اسان جي معاشري ۾ سڌارو پيدا ٿئي. بعد ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شاهد عمران رانجها، ڊپٽي ڊائريڪٽر پي آءِ ڊي ڪوئيٽا اسد خان مندوخيل شرڪت ڪندڙن ۾ شيلڊز ورهايون.











