پاڪستان ۽ ايران پاران آءِ ٽي آءِ ريل هن سال بحال ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻطرفي واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪندي استنبول- اسلام آباد (ITI) مال بردار ريل کي هن سال ٻيهر بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اهم فيصلو ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ۽ پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم وچ ۾ ٿيل اعليٰ سطحي ملاقات ۾ ڪيو ويو. ريلوي واري وزارت ۾ …

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻطرفي واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪندي استنبول- اسلام آباد (ITI) مال بردار ريل کي هن سال ٻيهر بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اهم فيصلو ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ۽ پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم وچ ۾ ٿيل اعليٰ سطحي ملاقات ۾ ڪيو ويو. ريلوي واري وزارت ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ ايراني ڪمرشل ڪائونسلر ڪمالي مقدم به شريڪ هئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ – ايران ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته ريل ذريعي واپار ۾ اضافو نه رڳو پاڪستان ريلوي جي روينيو کي وڌائيندو پر هي ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ به اڻٽر آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته واپاري سامان جي وقت سر ترسيل لاءِ ريل جو نظام سڀني کان وڌيڪ موثر ۽ گهٽ خرچ وارو ذريعو آهي. هن چيو ته اسان خطي کي ريلوي نيٽ ورڪ ذريعي جوڙي پاڪستان کي واپاري راهداري جو مرڪز بڻائڻ چاهيون ٿا. ملاقات دوران ايراني سفير ريلوي واري وزيرکي ايران جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني، جنهن کي قبول ڪندي محمد حنيف عباسي چيو ته ايران ۾ مقدس ماڳن جي زيارت جي سعادت حاصل ڪرڻ منهنجي لاءِ شرف جو سبب هوندو. هن ٻڌايو ته ان دوري دوران هو ايراني ريلوي جي جديد نظام جو به جائزو وٺندو ته جيئن پاڪستان ريلوي جي بهتري لاءِ سندن تجربن مان فائدو کڻي سگهجي.