اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي برطانيه کان گهربل جوابدارن شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي فوري حوالگي جو باضابطه مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اهو مطالبو اسلام آباد ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ٿيل هڪ هنگامي ۽ اهم ملاقات دوران ڪيو ويو. ملاقات دوران گهرو وزير محسن نقوي، شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي حوالگي بابت سرڪاري ڪاغذ ۽ قانوني …
پاڪستان جو برطانيه کان شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي فوري حوالگي جو مطالبو، گهرو وزير پاران دستاويزي ثبوت برطانوي هاءِ ڪمشنر جي حوالي
اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي برطانيه کان گهربل جوابدارن شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي فوري حوالگي جو باضابطه مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اهو مطالبو اسلام آباد ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ٿيل هڪ هنگامي ۽ اهم ملاقات دوران ڪيو ويو. ملاقات دوران گهرو وزير محسن نقوي، شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي حوالگي بابت سرڪاري ڪاغذ ۽ قانوني دستاويز برطانوي هاءِ ڪمشنر جي حوالي ڪيا. محسن نقوي ٻنهي ماڻهن طرفان ڪيل پاڪستان مخالف پروپيگنڊا جا ٺوس ثبوت به پيش ڪيا ۽ واضح ڪيو ته اهي ٻئي ماڻهو پاڪستان جي قانون کي گهربل آهن، تنهن ڪري انهن کي فوري طور تي پاڪستان حوالي ڪيو وڃي. محسن نقوي صاف لفظن ۾ چيو ته اسان اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکون ٿا، پر فيڪ نيوز ۽ ڊس انفارميشن هن وقت هر ملڪ لاءِ سيڪيورٽي جو مسئلو بڻجي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهه ۾ ويهي رياست ۽ قومي ادارن خلاف الزام تراشي ڪرڻ ۽ زهر اوڳاڇڻ جي اجازت دنيا جو ڪو به ملڪ نٿو ڏئي سگهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته برطانيه انهن عنصرن جي واپسي لاءِ پاڪستان سان تعاون ڪندو. ملاقات ۾ برطانيه ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ پاڪستانين جي واپسي ۽ پاڪ – برطانيه سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير ٻڌايو ته گهرو وزارت، گهرو وزارت ذريعي به حوالگي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، ملاقات ۾ وفاقي سيڪريٽري محمد خرم آغا ۽ وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا.











