اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي سان ڪورين تعاون ايجنسي (ڪوئيڪا) جي صدر چانگ وون سام جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي ڪوريائي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا وچ ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ترقياتي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير خالد حسين مگسي پاڪستان ۽ …
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سان ڪوئيڪا جي صدر جي قيادت ۾ ڪوريائي وفد جي ملاقات
اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي سان ڪورين تعاون ايجنسي (ڪوئيڪا) جي صدر چانگ وون سام جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي ڪوريائي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا وچ ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ترقياتي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير خالد حسين مگسي پاڪستان ۽ ڪوريا وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ سائنسي ترقي، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪوريا جي مهارت ۽ تعاون سان پاڪستان پنهنجي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪندو. ڪوئيڪا جي صدر چانگ وون سام پاڪستان سان ڊگهي مدي واري، پائيدار ۽ گڏيل حصيداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ڪوريا طرفان فراهم ڪيل امداد ۽ سيڙپڪاري جو مقصد پاڪستان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ آهي. هن ڪوريا کي هڪ مثالي حصيدار قرار ڏيندي چيو ته ڪوريا پنهنجي تاريخ ۾ درپيش مشڪلاتن باوجود شاندار ترقي جو مثال قائم ڪيو آهي. ڪوئيڪا جو صدر هن وقت پي وي ماڊيولز بابت پاڪستان ڪوريا ٽيسٽنگ ليبارٽري ۽ لاڳاپيل اوزارن جي افتتاح جي سلسلي ۾ پاڪستان ۾ موجود آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ ڪوريا گڏيل تعاون ذريعي پاڪستاني عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ، پائيدار معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدفن (ايس ڊي جيز) کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪري رهيا آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزارت ۽ ڪوئيڪا وچ ۾ سولر فوٽو وولٽائيڪ فيلڊ ٽيسٽنگ ۽ سولر انورٽر ٽيسٽنگ جي شعبن ۾ عالمي معيار موجب گڏيل منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪوريائي وفد پاڪستان ۾ جاري ٻطرفن منصوبن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











