وفاقي آئيني عدالت ۾ ايس اين جي پي ايل ۽ اين آءِ آر سي ڪيس اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ سوئي نادرن گئس پائيپ لائينز لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) طرفان نيشنل انڊسٽريل ريليشنز ڪميشن (اين آءِ آر سي) جي فيصلن خلاف نظرثاني درخواست ۽ لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي (اڄ) 5 ڊسمبر تي ٿيندي. شيڊول موجب ڪيس سي پي ايل اي 2025/3847 ۾ ايس اين جي پي ايل، اين آءِ آر سي جي ان فيصلي کي چئيلنج ڪيو …

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ سوئي نادرن گئس پائيپ لائينز لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) طرفان نيشنل انڊسٽريل ريليشنز ڪميشن (اين آءِ آر سي) جي فيصلن خلاف نظرثاني درخواست ۽ لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي (اڄ) 5 ڊسمبر تي ٿيندي. شيڊول موجب ڪيس سي پي ايل اي 2025/3847 ۾ ايس اين جي پي ايل، اين آءِ آر سي جي ان فيصلي کي چئيلنج ڪيو هو، جنهن ۾ سنگل ميمبر شڪايت پٽيشن منظور ڪئي هئي. ان کانپوءِ فل بينچ اپيل غير حاضري تي خارج ڪري ڇڏي. بحالي درخواست به دير جي بنياد تي رد ڪري ڪئي وئي هئي، جنهن خلاف ڪمپني رٽ پٽيشن داخل ڪئي جيڪا خارج ٿي وئي. انهي مقصد ۾ داخل سي ايم اي 2025/7110 (اسٽي اپليڪيشن) به 5 ڊسمبر تي ئي ٻڌي ويندي. درخواستگذار طرفان سيد رفاقت حسين شاهه اي او آر طور پيش ٿيندا، جڏهن ته ٻين وڪيلن ۾ افنان ڪريم ڪنڊي، تنوير الاسلام، قاضي شهر يار اقبال ۽ محمد عمير بلوچ شامل آهن.