توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر طارق علي خان جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر طارق علي خان جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران طارق علي خان ڪينيڊين ڪمپنين جي بجلي جي پيداوار جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفاقي …

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر طارق علي خان جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران طارق علي خان ڪينيڊين ڪمپنين جي بجلي جي پيداوار جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير واضح ڪيو ته حڪومت مستقبل ۾ بجلي خريد ڪرڻ جو ارادو نٿي رکي. هن چيو ته پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ ٽرانسميشن، نيٽ ورڪ اپ گريڊيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجيز ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، جتي سيڙپڪارن لاءِ پُرڪشش ۽ پائيدار منافعي جا امڪان موجود آهن. وفاقي وزير جي بريفنگ کانپوءِ طارق علي خان ٽرانسميشن سيڪٽر ۾ به دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ چيو ته ڪينيڊين ڪمپنيون ان شعبي ۾ به امڪاني سيڙپڪاري جي ماڊلز ۽ موقعن جو تفصيلي جائزو وٺڻ جي خواهش رکن ٿيون. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته پاور ڊويزن ڪينيڊين ادارن سان ٽرانسميشن، متبادل توانائي ۽ بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽمز سميت اهي سمورا منصوبا شيئر ڪندو جن ۾ سيڙپڪاري جا امڪان موجود آهن ته جيئن عملي اڳڀرائي کي تيز ڪري سگهجي. سردار اويس لغاري پاڪستان جي چٽاڀيٽي بجلي جي مارڪيٽ طرفان منتقلي جو ذڪرڪندي ٻڌايو ته مستقبل ۾ حڪومتي پاور پرچيز ماڊل ختم ٿي ويندو جنهن کانپوءِ نجي شعبي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان بزنس ڪائونسل به ٽرانسميشن ۾ پي پي پي ماڊل تحت سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکي ٿي جيڪا ڪينيڊين ڪمپنين سان سهڪار جا نوان رستا کولي سگهي ٿي. وفاقي وزير گلگت بلتستان ۾ جاري يوٽيلٽي اسڪيل سولر پروجيڪٽ جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته ان منصوبي جي اسٽيڊي جلد مڪمل ٿي ويندي ۽ 4 کان 5 هنڌن تي اٽڪل 85 ميگاواٽ جي ضرورت موجود آهي جيڪا سيڙپڪاري لاءِ هڪ وڏو موقعو آهي. هن گوادر ۾ توانائي جي انفرا اسٽرڪچر ۽ ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دستياب گنجائش بابت به وفد کي آگاهه ڪيو. اويس لغاري چيو ته حڪومت گهٽ لاڳت جي اصولن تحت مستقبل جا منصوبا شفاف بنيادن تي اڳتي وڌائي رهي آهي ۽ بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽمز ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان موجود آهن. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ ڪينيڊين سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويجها رابطا، فني تعاون ۽ منصوبن جي تفصيلن جي مٽاسٽا جو سلسلو جاري رکيو ويندو.