توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري سان ڪرغزستان جي هم منصب جي ملاقات

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن وچ ۾ ويجهي سهڪار جي ذريعي ڪاسا انرجي مارڪيٽ جي قيام جي تجويز پيش ڪئي آهي جيڪا يورپي انرجي گرڊ جي طرز تي خطي جي سمورن ملڪن کي تجديد جوڳي ۽ روايتي توانائي جي مڪمل استعمال جو موقعو فراهم ڪندي. سردار اويس لغاري اها تجويز اسلام آباد ۾ …

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن وچ ۾ ويجهي سهڪار جي ذريعي ڪاسا انرجي مارڪيٽ جي قيام جي تجويز پيش ڪئي آهي جيڪا يورپي انرجي گرڊ جي طرز تي خطي جي سمورن ملڪن کي تجديد جوڳي ۽ روايتي توانائي جي مڪمل استعمال جو موقعو فراهم ڪندي. سردار اويس لغاري اها تجويز اسلام آباد ۾ ڪرغزستان جي توانائي واري وزير ابراروف تالائبيڪ اوموڪيوچ سان ملاقات دوران پيش ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير پنهنجي هم منصب جي آجيان ڪندي چيو ته ڪاسا 1000 منصوبي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ اهڙي حڪمت عملي جي ضرورت آهي جيڪا ٻنهي خطن ۾ گهٽ قيمت بجلي جي موسمي دستيابي کي نظر ۾ رکي. هن چيو ته شريڪ ملڪن کي گڏيل مشاورت سان منصوبي جي تفصيلن کي حتمي شڪل ڏيڻ گهرجي ته جيئن انهن جي معاشي افاديت يقيني بڻائي سگهجي. هن پاڪستان جي اعليٰ قيادت جي ان موقف جو حوالو ڏيندي چيو ته افغانستان جو استحڪام سڌي ريت علائقائي رابطن سان جڙيل آهي، ان لاءِ ڪنهن به علائقائي منصوبي جي ڪاميابي ويجهي تعاون کانسواءِ ممڪن ناهي. وفاقي وزير آگاهه ڪيو ته ڪاسا 1000 تحت پاڪستان جو حصو 2026ع جي وچ ڌاري مڪمل ٿي ويندو ۽ جيتوڻيڪ پاڪستان ۽ ڪرغزستان ٻنهي ان منصوبي ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي، ان لاءِ ان جي معاشي بهتري جي سمورن رخن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. سردار اويس لغاري ڪرغزستان چين ٽرانسميشن منصوبي جي فزيلبٽي ۾ پاڪستان جي اترين علائقن کي شامل ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي. وفاقي وزير مستقبل ۾ ٻطرفي توانائي تعاون لاءِ 5 نقاطي فريم ورڪ پيش ڪيو جنهن ۾ هائيڊرو پاور منصوبن تي اڳڀرائي، ورڪنگ گروپ جو قيام، ڪاسا 1000 کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گڏيل قدم، پاڪستاني هنرمند افرادي قوت جي شموليت لاءِ خصوصي شعبن جي فهرست جي مٽاسٽا، چين ڪرغزستان گرڊ انٽر ڪنيڪشن جي فزيبلٽي ۾ اترئين پاڪستان جي شموليت ۽ ٻطرفي تعاون لاءِ خصوصي ورڪنگ گروپس جو قيام شامل آهي، هن اهو به چيو ته افغان عملدارن جي شموليت ۾ ڪرغزستان جي مدد انتهائي اهم آهي ته جيئن خطي ۾ استحڪام ۽ رابطي ڪاري کي مضبوط بڻائي سگهجي. ٻنهي ملڪن اعليٰ سطح جا رابطا وڌائڻ ۽ ڪاسا 1000 سميت ٻين گڏيل منصوبن جي چئلينجن کي گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان سلسلي ۾ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ پاڪستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ عالمي بئنڪ جي ماهرن جي بشڪيڪ ۾ هڪ خصوصي فني گڏجاڻي منعقد ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو.