اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي اين ڊي ايم اي طرفان سريلنڪن متاثرن لاءِ امدادي قدم تيزي سان جاري آهن. اين ڊي ايم اي سريلنڪن ايئر لائن ذريعي لاهور کان ڪولمبو لاءِ وڌيڪ 20 ٽن امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو. اين ڊي ايم اي طرفان امدادي سامان ۾ ترپال ۽ خشڪ کير شامل آهي. جاري بيان موجب پاڪ فوج جي ايليٽ سرچ …
سريلنڪا ۾ طوفان جون تباهه ڪاريون، پاڪستان طرفان امدادي سرگرميون جاري، وڌيڪ 20 ٽن امدادي سامان روانو
اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي اين ڊي ايم اي طرفان سريلنڪن متاثرن لاءِ امدادي قدم تيزي سان جاري آهن. اين ڊي ايم اي سريلنڪن ايئر لائن ذريعي لاهور کان ڪولمبو لاءِ وڌيڪ 20 ٽن امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو. اين ڊي ايم اي طرفان امدادي سامان ۾ ترپال ۽ خشڪ کير شامل آهي. جاري بيان موجب پاڪ فوج جي ايليٽ سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم سريلنڪا ۾ پهريان کان موجود آهي ۽ امدادي سرگرمين ۾ مصروف عمل آهي. اين ڊي ايم اي ڪمرشل اڏامن ذريعي سريلنڪا کي وڌيڪ امدادي سامان جي پهچ جاري رکندي. پاڪ فضائيه جو سي 130 جهاز 47 رڪني امدادي ٽيم سميت 6.5 ٽن ضروري اوزار کڻي به سريلنڪا پهچي چڪو آهي. اين ڊي ايم اي 200 ٽن امدادي سامان سامونڊي جهاز ذريعي به سريلنڪا روانو ڪيو آهي. پاڪستان نيوي جا بحري جهاز ۽ هيلي ڪاپٽرز به سريلنڪا ۾ امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن. پاڪستان طرفان سريلنڪا جي متاثرن جي هر ممڪن امداد جي ڪوشش جاري رهندي. مشڪل وقت ۾ پاڪستان جون امدادي سرگرميون سريلنڪا جي عوام سان گهري دوستي ۽ علائقائي يڪجهتي جي عزم جو ثبوت آهن.











