پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني لميٽيڊ جي پاليسي هولڊرز کي وقت سر ادائيگيون يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيُون وينديون: عبدالعليم خان

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ڪراچي حيدرآباد موٽروي جي تعمير جاري آهي، جنهن کي اڳتي سکر تائين توسيع ڏني ويندي، جيڪڏهن صوبائي حڪومتون درخواست ڏين ته اين ايڇ اي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورا ٽورسٽ روڊز وفاقي وسيلن مان تعمير ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني لميٽيڊ جي سمورن 3380 التوا ۾ پيل ڪليمز موجوده مالي …

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ڪراچي حيدرآباد موٽروي جي تعمير جاري آهي، جنهن کي اڳتي سکر تائين توسيع ڏني ويندي، جيڪڏهن صوبائي حڪومتون درخواست ڏين ته اين ايڇ اي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورا ٽورسٽ روڊز وفاقي وسيلن مان تعمير ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني لميٽيڊ جي سمورن 3380 التوا ۾ پيل ڪليمز موجوده مالي سال جي پڄاڻي کان پهرين ادا ڪيا ويندا. سينيٽ جي اجلاس ۾ مُختلف ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته ڪراچي حيدرآباد موٽروي جي تعمير جاري آهي، جنهن کي اڳتي سکر تائين توسيع ڏني ويندي.  هن چيو ته ڪراچي کان چمن تائين پاڪستان ايڪسپريس وي ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته لياري ايڪسپريس وي عالمي معيار موجب تعمير ڪيو پيو وڃي ۽ هي ڪراچي جي شهرين لاءِ خاص تحفو هوندو. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن صوبائي حڪومتون درخواست ڏين ته اين ايڇ اي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورا ٽورسٽ روڊز وفاقي وسيلن مان تعمير ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني لميٽيڊ جي سمورن 3380 التوا ۾ پيل ڪليمز موجوده مالي سال جي پڄاڻي کان پهرين ادا ڪيا ويندا. جڏهن ته سينيٽر شهادت اعواڻ، دنيش ڪمار ۽ وقار مهدي جي ڪليمز جي عدم ادائيگي ۽ انتظامي بي ضابطگين تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير اعتراف ڪيو ته ميمبرن جا مشاهدا بلڪل درست آهن ۽ ڪليمز ۾ دير آهي، وفاقي وزير ٻڌايو ته التو ۾ پيل ڪليمز جي ادائيگي لاءِ گهربل فنڊ جاري ڪرڻ جي سلسلي ۾ ناڻي واري وزارت کي ڪيترائي ڀيرا خط موڪلي چڪا آهيون. هن چيو ته اهي فنڊز حڪومت جي ملڪيت ناهن پر عوام جي امانت آهن ۽ ناڻي واري وزارت وٽ رکڻ نه گهربا هئا. عبدالعليم خان انڪشاف ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ 33830 پاليسي هولڊرز جا ڪليمز التوا ۾ آهن جن جي ماليت 8.165 ارب روپيا آهي، هن چيو ته ان دير جي ذميواري حڪومت کي قبول ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته جڏهن اپريل 2021ع ۾ پي ايل آءِ سي ايل کي پاڪستان پوسٽ ڪي پي او اينڊ ڊي ونگ کان ڌار ڪيو ويو ته ناڻي واري وزارت 48 ارب رپين جو پرومسري نوٽ جاري ڪيو هو ته جيئن رهتن جي منتقلي ۾ سهولت ملي سگهي، تنهن هوندي به هر سال ادائيگين لاءِ فنڊز کي حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، هن چيو ته جيڪڏهن سالياني ضرورت 6 ارب روپيا هجي، پر ٻه يا ٽي ارب ئي جاري ڪيا وڃن ته دير لازمي آهي. هن ٻڌايو ته پي ايل آءِ سي ايل جيڪا مارچ 2020۾ ڪمپنيز ايڪٽ تحت قائم ٿي هئي، پنهنجي ڪنهن به پاليسي کي ري انشورنس ناهي ڪيو جنهن سبب سموريون رهتون حڪومت پاڪستان تي آهن. هن فنڊز  ناڪافي جاري ڪرڻ کي حڪومت لاءِ شرمندگي جو سبب قرار ڏنو ۽ ان کي فوري طور تي درست ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. عبدالعليم خان خاطري ڪرائي ته هو ان معاملي کي ذاتي طور تي ناڻي واري وزير آڏو رکندو ۽ اهو يقيني بڻايو ويندو ته موجوده ملي سال جا سمورا التوا ۾ پيل ڪليمز ادا ڪيا ويندا ۽ آئنده ڪنهن به قسم جي دير نه ٿئي. هن سينيٽ ميمبرن سان واعدو ڪيو ته پي ايل آءِ سي ايل ڪليمز جا علائقائي تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا ويندا. وفاقي وزير ايوان کي ٻڌايو ته حڪومت ايندڙ سال تائين ملڪ جي سمورن قومي شاهراهن تي ايئر ايمبولينس سروس جو آغاز ڪندي ته جيئن حادثن يا هنگامي حالتن ۾ زخمين ۽ مريضن کي فوري طبي امداد فراهم ڪري سگهجي ۽ کين ويجهي اسپتال تائين پهچائي سگهجي.