ڪوئيٽا- 04 ڊسمبر (اي پي پي) بلوچستان حڪومت پرڏيهه ۾ ويٺل پابندي مڙهيل تنظيمن جي سربراهن، اهم ڪمانڊرز ۽ 300 کان وڌيڪ دهشتگرد عنصرن جي گرفتاري لاءِ انٽرپول جا ريڊ نوٽيسز جاري ڪرڻ ۽ عالمي عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هي فيصلو گذريل ڏينهن بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت ۾ منعقد ٿيل هڪ غير معمولي ۽ اهم نوعيت جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ …
بلوچستان حڪومت پاران پابندي مڙهيل تنظيمن جي 300 کان وڌيڪ سربراهن، ڪمانڊرز جي گرفتاري لاءِ انٽرپول جا ريڊ نوٽيسز جاري ڪرڻ ۽ عالمي عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ جو فيصلو
ڪوئيٽا- 04 ڊسمبر (اي پي پي) بلوچستان حڪومت پرڏيهه ۾ ويٺل پابندي مڙهيل تنظيمن جي سربراهن، اهم ڪمانڊرز ۽ 300 کان وڌيڪ دهشتگرد عنصرن جي گرفتاري لاءِ انٽرپول جا ريڊ نوٽيسز جاري ڪرڻ ۽ عالمي عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هي فيصلو گذريل ڏينهن بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت ۾ منعقد ٿيل هڪ غير معمولي ۽ اهم نوعيت جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پرڏيهه ۾ موجود دهشتگرد اڳواڻن جي مقامي سهولتڪارن سان رابطا، ڪال رڪارڊنگز، مالي مدد ۽ ٻيا ثبوت مڪمل طور تي دستياويزي شڪل ۾ موجود آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪالعدم بي ايل اي، بي آر اي، بي ايل ايف، يو بي اي، بي آر جي ۽ لشڪر بلوچستان جي سربراهن ۽ ڪمانڊرز خلاف داخل ڪيسن جي پراسيڪيوشن کي تيز ڪندي سمورا ثبوت عالمي معيار موجب رڪارڊ جو حصو بڻايا وڃن. وڏي وزير هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت وفاقي گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت جي تعاون سان انٽرپول ذريعي ريڊ نوٽيسز جي ڪارروائي ۾ تيزي آڻي ته جيئن دهشتگرد دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ قانون جي گرفت کان ڀڄي نه سگهن. هن چيو ته دهشتگردي ۾ ملوث ڌرين خلاف ڪارروائي هاڻي پروانشل ايڪشن پلان جي گائيڊ لائنز تحت مقامي سهولتڪارن کان وٺي پرڏيهه ۾ ويٺل سربراهن تائين ڀرپور فيصلائتي انداز ۾ ڪئي ويندي. هن بلوچستان جي گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته ايڪشن پلان تحت جوڙيل خاص سيل کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي ۽ سمورن حساس ڪيسن جي جاچ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. اجلاس ۾ پرڏيهه ۾ دهشتگرد ڪمانڊرز ۽ سندن مقامي سهولتڪارن خلاف فوري، سخت ۽ ڀرپور ڪريڪ ڊائون جي منظوري ڏني وئي. وڏي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان جي سرزمين تي رت وهائڻ واري ڪنهن به دهشتگرد کي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ لڪڻ نه ڏينداسين. دهشتگردي ۾ ملوث ملڪ اندر ۽ پرڏيهه ۾ هر عنصر خلاف موثر، سخت ۽ غير معمولي ڪارروائي اڻٽر بڻجي چڪي آهي. هن هدايت ڪئي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نون قانونن تحت ڪارروايون تيز ڪيون وڃن ۽ سمورن ثبوتن کي عالمي قانوني گهُرجن موجب پيش ڪيو وڃي. هن واضح ڪيو ته رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ عنصرن جو مڪمل خاتمو هاڻي فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. پاڪستان رياست ۽ بلوچستان دشمن عنصرن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي سختي سان عمل ڪيو ويندو ۽ آخري سهولتڪار تائين پيڇو جاري رهندو. بلوچستان جي امن، عوام جي حفاظت ۽ رياستي وقار تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو.











