آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي سان متحده عرب امارات جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وافقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان هاڻي هڪ نمايان عالمي ٽيڪ ڊيسٽينيشن طور اڀري رهيو آهي جنهن جو بنياد نوجوان ٽئلينٽ، صلاحيت اختيار ڪندڙ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم ۽ انوويشن دوست پاليسين تي آهي. گذريل ڏينهن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري بيان موجب گڏيل عرب امارتن جي پاڪستان ۾ نئين …

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وافقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان هاڻي هڪ نمايان عالمي ٽيڪ ڊيسٽينيشن طور اڀري رهيو آهي جنهن جو بنياد نوجوان ٽئلينٽ، صلاحيت اختيار ڪندڙ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم ۽ انوويشن دوست پاليسين تي آهي. گذريل ڏينهن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري بيان موجب گڏيل عرب امارتن جي پاڪستان ۾ نئين مقرر ٿيل سفير سالم الزعابي، وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۽ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پاڪستان جي ڊجيٽل ترقياتي منصوبن ۾ تعاون جي مختلف امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جن ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل انوويشن، ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر ۽ صلاحيت ۾ اضافو شامل آهي، وفاقي وزير پاڪستان جي وڌندڙ ڊجيٽل ايڪو سسٽم، سڌارن واري ايجنڊا ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کان به وفد کي آگاهه ڪيو ۽ هڪ جديد ۽ جامع ڊجيٽل معيشت جي جوڙجڪ لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهين دوران گڏيل عرب امارتن ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ ٽيڪنالاجي انٽر پرينيورز جي اهم ڪردار کي به اجاگر ڪيو ويو، جيڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ انوويشن، سيڙپڪاري ۽ علم جي مٽاسٽا ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستاني ٽيڪ ڊائسپورا سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سرحد پار حصيداري ۽ ڊجيٽل ترقي کي تيز ڪري سگجهي ٿو. اي ٽي ڪيئرني رپورٽ جو حوالو ڏيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هاڻي هڪ نمايان عالمي ٽيڪ ڊيسٽينيشن طور اڀري رهيو آهي، جنهن جو بنياد نوجوان ٽئلينٽ، صلاحيت اختيار ڪندڙ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم ۽ انوويشن دوست پاليسين تي آهي. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ متحده عرب امارات وچ ۾ ٽيڪنالاجي، جدت ۽ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو.