اليڪشن ڪميشن پاران قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 251 شيراني – زوب – قلعه سيف الله تي ٻيهر پولنگ جو اعلان، شيڊول جاري

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 251 شيراني – زوب – قلعه سيف الله مان چونڊيل ميمبر سيد سميع الله جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺندي  ٻيهر پولنگ لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي جي روشني ۾ ان تڪ ۾ مخالف اميدوار خوشحال خان ڪاڪڙ چونڊ عذرداري درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي اليڪشن ٽربيونل 24 نومبر …

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 251 شيراني – زوب – قلعه سيف الله مان چونڊيل ميمبر سيد سميع الله جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺندي  ٻيهر پولنگ لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي جي روشني ۾ ان تڪ ۾ مخالف اميدوار خوشحال خان ڪاڪڙ چونڊ عذرداري درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي اليڪشن ٽربيونل 24 نومبر تي فيصلو ڏنو جنهن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن اهو نوٽيفڪيشن واپس وٺندي 18 ڊسمبر تي ٻيهر پولنگ جو اعلان ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن مُوجب 22 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ 18 ڊسمبر تي ٿيندي. ري پولنگ اليڪشن ٽربيونل جي 24 نومبر جي فيصلي جي روشني ۾ ڪرائي پئي وڃي. پولنگ صبح 8 کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي. اليڪشن ڪميشن ري پولنگ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر زوب محمد عارف زرڪون کي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اورنگزيب ڪاسي کي رٽرننگ آفيسر ۽ مختيار ڪار زوب محمد حنيف کي اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو آهي.