اسلام آباد - 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪرغزستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، واپار، توانائي، زراعت، تعليم، دفاع، رابطي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ رابطن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جا خواهشمند آهيون. ڪرغزستان کي پنهنجي بندرگاهن جي …
پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو 200 ملين ڊالر تائين وڌايو ويندو، پاڪستان ڪرغزستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪرغزستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، واپار، توانائي، زراعت، تعليم، دفاع، رابطي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ رابطن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جا خواهشمند آهيون. ڪرغزستان کي پنهنجي بندرگاهن جي ذريعي علائقائي ۽ عالمي منڊين تائين پهچ ڏينداسين، پاڪستان ڪرغزستان بزنس فورم سان تعاون جون نيون راهون کلنديون، جڏهن ته ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف چيو آهي ته معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششون وزيراعظم پاڪستان جي ويزن جي عڪاس آهن، مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي اسان جي خيال هڪ جهڙا آهن، پاڪستان ڪرغزستان جو دوست ۽ اعتماد جوڳو حصيدار آهي، واپار، تعليم، سائنس ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻو پنودو، توانائي جي شعبي ۾ ڪاسا – 1000 منصوبي تي وقت سر عملدرآمد سان گڏيل فائدو ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ 15 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا واري تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪرغزستان جي صدر اسلام آباد ۾ ڀليڪار چئون ٿا، پاڪستان ۽ ڪرغزستان جا خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ڪرغزستان جو صدر ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. حڪومت ۽ پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام پاران معزز مهمان جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان ڪرغزستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هي دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، هن دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان سمورن شعبن ۾ موجود ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ جمهوريه ڪرغزستان جا تاريخي پراڻا لاڳاپا جاگرافيائي اهميت رکندڙ ملڪ آهن، اسان جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي. هن چيو ته ڪرغزستان جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان عوامي رابطن، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسان لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. هن چيو ته 1992ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ کانپوءِ اسان جا لاڳاپا گڏيل اعتماد جي بنياد تي وڌيڪ وڌيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاشي شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ بزنس فورم جو پڻ انعقاد ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطن کي فروغ ملندو. توانائي واپاري رابطن جي فروغ ۽ معيشت جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته مختلف شعبن ۾ تعاون جا 15 معاهدا ۽ مفاهمتي يادداشتون هڪ انتهائي اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪرغزستان بزنس فورم سان تعاون جون نيون راهون کلنديون، بزنس فورم ۾ 200 ملين ڊالر جي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿينديون جنهن سان اسان جي ٻطرفي واپار جو ڪاٿو جيڪو هن وقت 15 کان 16 ملين ڊالر آهي اهو ٻن سالن ۾ وڌي 200 ملين ڊالر تائين پهچي ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هندي سمنڊ تائين گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو اسان ڪرغزستان کي علائقائي ۽ عالمي مارڪيٽن تائين پهچڻ جي لاءِ ڪراچي جي بن قاسم ۽ گوادر جي بندرگاهن جي ذريعي پهچ ڏينداسين. هن چيو ته ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي ذريعي عوامي رابطن جي فروغ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪرغزستان جي صدر جي عزم تي ٿورائتا آهيون. اسان لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺڻ وڃن جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، توانائي، واپار، رابطن جي فروغ ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائينداسين، مختلف شعبن ۾ تعاون جا 15 معاهدا ۽ مفاهمتي يادداشتون اهم اڳڀرائي آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌنداسين. ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي مختلف تقريبن جو اهتمام ڪندا. ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف چيو ته شاندار استقبال ۽ ڀرپور ميزباني تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون، 20 سالن کانپوءِ ڪرغزستان جي ڪنهن صدر جو پاڪستان جو ۽ 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جو هي منهنجو پهريون دورو آهي. دوري جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ ڪرغزستان جو اهم حصيدار آهي. اسان جا تاريخي لاڳاپا آهن، اسان واپار، سائنس، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششون پاڪستان جي وزيراعظم جي ويزن جي عڪاسي آهن، اسان ٻطرفي تعاون ۽ مستقبل جي منصوبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، واپاري رابطن ۾ اضافي جي لاءِ بزنس فورم جو انعقاد اهم آهي، هن ڪاسا – 1000 منصوبي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان منصوبي تي وقت سر عملدرآمد سان گڏيل فائدو ٿيندو، اسان مواصلات ٽرانسپورٽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي صلاحيت تي ڳالهه ڪئي آهي، هن وقت ڪرغزستان ۾ 12 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، توانائي جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪاسا – 1000 منصوبو اهميت رکندڙ آهي، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سيڪيورٽي جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. واپار، تعليم، سائنس ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻو پوندو، ڪرغزستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي دعوت ڏني آهي، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي اسان جا خيال هڪ جهڙا آهن، 2027ع ۾ گلوبل ڪلائميٽ سمٽ بشڪيڪ ۾ ٿي رهي آهي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شرڪت جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته اسان معيشت، بندرگاهن جي استعمال، تعليم، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. پاڪستان ڪرغزستان جو دوست ۽ اعتماد جوڳو حصيدار آهي. اڄ ٿيندڙ معاهدا اسان جي عوام جي مفاد ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندا.











