اسلام آباد - 04 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪي شهر ڊيلاويئر ۾ گرفتار شخص لقمان خان پاڪستاني نه آهي پر افغانستان جو شهري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان جي انڪوائري ۽ معلومات موجب لقمان خان پاڪستاني شهري يا پاڪستاني ڄائو نه آهي پر هو افغان شهري آهي. هن چيو ته لقمان خان ڪجهه سال پناهگير طور پاڪستان ۾ گذاريا ۽ …
آمريڪي شهر ڊيلاويئر ۾ گرفتار شخص لقمان خان پاڪستاني نه آهي پر افغانستان جو شهري آهي: پرڏيهي آفيس
اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪي شهر ڊيلاويئر ۾ گرفتار شخص لقمان خان پاڪستاني نه آهي پر افغانستان جو شهري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان جي انڪوائري ۽ معلومات موجب لقمان خان پاڪستاني شهري يا پاڪستاني ڄائو نه آهي پر هو افغان شهري آهي. هن چيو ته لقمان خان ڪجهه سال پناهگير طور پاڪستان ۾ گذاريا ۽ پوءِ آمريڪا هليو ويو جتي هن پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو گذاريو آهي.











