ارمچي- 04 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ارمچي ۾ پنهنجي سنڪيانگ يونيورسٽي جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي سرحدي خطن ۾ تعليمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڪيانگ يونيورسٽي ۽ قرارقرم يونيورسٽي وچ ۾ تعليمي حصيداري جي تجويز پيش ڪئي آهي. وفاقي وزير جي سنڪيانگ يونيورسٽي آمد تي يونيورسٽي جي نائب صدر ۽ پاڪستاني شاگردن سندس شاندار استقبال ڪيو. پنهنجي خطاب …
وفاقي وزير احسن اقبال پاران سنڪيانگ يونيورسٽي ۽ قرارقرم يونيورسٽي وچ ۾ تعليمي حصيداري جي تجويز
ارمچي- 04 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ارمچي ۾ پنهنجي سنڪيانگ يونيورسٽي جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي سرحدي خطن ۾ تعليمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڪيانگ يونيورسٽي ۽ قرارقرم يونيورسٽي وچ ۾ تعليمي حصيداري جي تجويز پيش ڪئي آهي. وفاقي وزير جي سنڪيانگ يونيورسٽي آمد تي يونيورسٽي جي نائب صدر ۽ پاڪستاني شاگردن سندس شاندار استقبال ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ پروفيسر احسن اقبال سنڪيانگ يونيورسٽي ۽ قراقرم يونيورسٽي (ڪي آءِ يو) گلگت وچ ۾ باضابطه طور تي تعليمي ۽ تحقيقي حصيداري قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. ان سهڪار جو مقصد سنڪيانگ ۽ گلگت بلتستان جي سرحدي علائقن ۾ علم، تحقيق، جديد ٽيڪنالاجي ۽ افرادي وسيلن جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ آهي. سنڪيانگ يونيورسٽي جي نائب صدر ان تجويز سان اتفاق ڪندي گڏيل تعليمي ۽ تحقيقي پروگرامز، فيڪلٽي اڪسچينج ۽ اسٽوڊنٽ ريسرچ سهڪار لاءِ آئنده جو گڏيل فريم ورڪ جوڙڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي. وفاقي وزير کي يونيورسٽي جي تاريخ، فيڪلٽي جي صلاحيتن، تحقيقي سرگرمين تي حصيداري ۽ قومي ترقي جي هدفن سان هم آهنگ تحقيقي فنڊنگ جي ماڊل تي جامع فريفنگ به ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سنڪيانگ يونيورسٽي ۾ تحقيقاتي فنڊنگ جو وڏو حصو اٽڪل 40 سيڪڙو سڌيءَ ريت صنعت مان حاصل ٿيندو آهي. باقي تحقيقاتي معاونت حڪومتي ترقياتي ترجيحات سان جڙيل آهي، جيڪو هڪ مضبوط اڪيڊميا انڊسٽري انٽيگريشن ماڊل جي عڪاسي ڪري ٿو. پروفيسر احسن اقبال ان تحقيقاتي ماڊل کي پاڪستان لاءِ تقليد جوڳو مثال قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن وچ ۾ حصيداري نه رڳو خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي پر پاڪ – چين دوستي جي نون رخن کي اجاڳر ڪندي. اها اڳڀرائي پاڪ – چين سرحدي خطن ۾ تعليمي سهڪار، تحقيقاتي حصيداري ۽ نوجوانن جي گڏيل رابطن جي هڪ نئين دور جي شروعات ثابت ٿيندي.











