اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) ڊي جي رينجرز سنڌ جي صدارت هيٺ رينجرز هيڊ ڪوارٽرز ڪراچي ۾ سيڪيورٽي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. سنڌ رينجرز جي ترجمان مطابق ڪانفرنس ۾ ڪراچي جي امن امان جي مجموعي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو، ڪانفرنس ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي پوليس، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي سميت ٻين پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جي آفيسرن …
ڊي جي رينجرز سنڌ جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي ڪانفرنس، امن امان سميت سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) ڊي جي رينجرز سنڌ جي صدارت هيٺ رينجرز هيڊ ڪوارٽرز ڪراچي ۾ سيڪيورٽي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. سنڌ رينجرز جي ترجمان مطابق ڪانفرنس ۾ ڪراچي جي امن امان جي مجموعي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو، ڪانفرنس ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي پوليس، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي سميت ٻين پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن صوبي خاص طور تي ڪراچي جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ مربوط قدمن تي اتفاق ڪيو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان دهشتگردن ۽ شرپسند عنصرن خلاف گڏيل آپريشن کي اثرائتو بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. اجلاس ۾ ڪراچي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ جي عمل کي وڌيڪ سخت بڻائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. اجلاس ۾ حساس ٺڪاڻن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ، سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن ۽ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ اضافي تي زور ڀريو ويو. شهر ۾ ڀتو وٺڻ، هٿيارن جي غير قانوني فراهمي ۽ ٻين ڏوهن خلاف ڪارروائين کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي. اجلاس ۾ غير تصديق ٿيل ڀتو وٺڻ جي رپورٽن جي روڪٿام ۽ عادي ڏوهارين خلاف ڪارروائين کي اثرائتو بڻائڻ تي به غور ڪيو ويو. عوام کي اپيل آهي ته شڪي سرگرمين، شرپسند عنصرن يا اڻ وڻندڙ واقعن جو فوري اطلاع رينجرز اهلڪارن يا رينجرز هيلپ لائن تي ڏين.











