شهر ۾ گٽرن تي لڳل ڍڪڻن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي: سعيد غني

ڪراچي-04 ڊسمبر(اي پي پي) سنڌ جي پورهئي، افرادي سگهه ۽ سماجي تحفظ واري وزير ۽ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني سڀني ٽائون چيئرمينز کي سختيءَ سان هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته گٽرن تي لڳل ڍڪڻن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن جي چوري روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن ۽ سمورا ٽائون چيئرمين پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ عوامي ڀلائي وارن ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪن. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي منشور موجب شهرين کي پاڻي، نيڪال، …

ڪراچي-04 ڊسمبر(اي پي پي) سنڌ جي پورهئي، افرادي سگهه ۽ سماجي تحفظ واري وزير ۽ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني سڀني ٽائون چيئرمينز کي سختيءَ سان هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته گٽرن تي لڳل ڍڪڻن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن جي چوري روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن ۽ سمورا ٽائون چيئرمين پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ عوامي ڀلائي وارن ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪن. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي منشور موجب شهرين کي پاڻي، نيڪال، صفائي ۽ روزمره جي ضرورتن جون سهولتون فراهم ڪرڻ ٽائونز جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. اهڙيون هدايتون هن ڪالهه خميس ڏينهن ڪراچي جي سڀني پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل ٽائون چيئرمينز جي اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيون. صوبائي وزير سڀني ٽائون چيئرمينز کان ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ورتي ۽ سندن درپيش مسئلن ۽ ٻين معاملن تي به مشاورت ڪئي. سعيد غني چيو ته ٽائون چيئرمينز پنهنجن علائقن ۾ ترقياتي ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ وڌيڪ تيزي آڻين ته جيئن عوام کي حقيقي رليف ملي سگهي. هن سخت لفظن ۾ هدايت ڪئي ته گٽرن جي ڍڪڻن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن جي چوري روڪڻ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن. اجلاس دوران گذريل ڏينهن گٽر ۾ ڪري فوت ٿينل ٻار جي سانحي تي شديد ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو. سعيد غني ٽائون چيئرمينز کي واضح هدايت ڏني ته مستقبل ۾ اهڙي ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ هر ٽائون انتظاميه پنهنجن علائقن ۾ مڪمل سيڪورٽي ۽ بچاءَ جا انتظام يقيني بڻائي. ٽائون چيئرمينز پنهنجن علائقن جي مسئلن ۽ مشڪلات کان صوبائي وزير کي آگاهه ڪيو، جنهن تي سعيد غني فوري حل جو يقين ڏياريو.اجلاس ۾ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري رؤف احمد ناگوري سميت سڀني ٽائون چيئرمينز شرڪت ڪئي.

مزید خبریں