فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه جي ملاقات، عسڪري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ

راولپنڊي – 03 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ موجوده عسڪري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي …

راولپنڊي – 03 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ موجوده عسڪري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب معزز مهمان پاڪ فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ ان جي ڪردار جو اعتراف ڪيو. فيلڊ مارشل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ سمورن شعبن ۾ بحرين جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو اظهار ڪيو.