پي آءِ اي جو واڪ 23 ڊسمبر 2025ع تي منعقد ٿيندو، نجڪاري جو عمل فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي: خرم شهزاد

اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) جي نجڪاري جو عمل هاڻي فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ سيڙپڪارن لاءِ مڪمل طور تي تيار ٿي چڪو آهي، ان سلسلي ۾ نجڪاري ڪميشن (پي سي) وزيراعظم پاڪستان طرفان سمورن پري ڪواليفائيڊ واڪ ڏيندڙن جي اعزاز ۾ خصوصي آجياڻي جو اهتمام ڪيو. ”ايڪس“ تي …

اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) جي نجڪاري جو عمل هاڻي فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ سيڙپڪارن لاءِ مڪمل طور تي تيار ٿي چڪو آهي، ان سلسلي ۾ نجڪاري ڪميشن (پي سي) وزيراعظم پاڪستان طرفان سمورن پري ڪواليفائيڊ واڪ ڏيندڙن جي اعزاز ۾ خصوصي آجياڻي جو اهتمام ڪيو. ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ خرم شهزاد چيو ته وزيراعظم تقريب ۾ شريڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت نجڪاري جي ان عمل کي مڪمل شفافيت، چٽاڀيٽي ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي اصولن تحت اڳتي وڌائي رهي آهي. هن واضح ڪيو ته نجي شعبي جي شموليت سان پي آءِ اي جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري ايندي ۽ قومي ايئر لائن هڪ جديد، فعال ۽ عالمي معيار جي ايئر لائن ۾ تبديل ٿي سگهندي. نجڪاري ڪميشن موجب پي آءِ اي جي نجڪاري جي واڪ جو عمل 23 ڊسمبر 2025ع تي منعقد ٿيندو. ان عمل کي شفافيت جي علامت طور سڌي ريت نشر پڻ ڪيو ويندو. حڪومت پاڪستان جو اهو قدم قومي فضائي اداري جي جديد، مضبوط ۽ عالمي معيار موجب بحالي طرف هڪ تاريخي اڳڀرائي آهي جنهن ۾ نجي شعبي جي مهارت ۽ شفافيت تي ٻڌل حڪومتي عزم مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.